Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

ثواب ۽ ان جي لاءِ دعا ڪرڻ کان به محروم رهي ٿو۔ ياد رکو! ضروري ڪاغذات، شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ شادي ڪارڊ وغيره ۾ به حقيقي پيءُ جي جڳهه زباني چيل پيءُ جو نالو لکرائڻ حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ طلاق شده يا بيوھ عورتون به پنهنجي پهرين گهر جي ٻارن کي انهن جي حقيقي پيءُ جي باري ۾ بيخبر رکي (يعني لِڪَائي) آخرت جي بربادي جو سامان نه ڪن۔ عام گفتگو ۾ ڪنهن کي بابا جان چئي ڇڏڻ ۾ ڪو حرج ناهي جڏهن ته سڀني کي خبر هجي ته اتي ”جسماني رشتو“ مراد ناهي۔ ها جيڪڏهن اهڙي ”بابا جان“ کي به ڪنهن سڳو پيءُ ظاهر ڪيو ته گنهگار ۽ جهنّم جي عذاب جو حقدار آهي۔ شيخ الحديث حضرت مولانا عبدالمصطفيٰ اعظمي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القوي فرمائن ٿا: اڄڪلهه بيشمار ماڻهو پنهنجو پاڻ کي صديقي، فاروقي، عثماني ۽ سيّد چوڻ لڳا آهن! انهن کي سوچڻ گهرجي ته اهي ماڻهو ايئن ڪري ڪيتري وڏي گناھ جي دَلۡدَل ۾ ڦاٿل آهن۔ خداوند ڪريم عَزَّوَجَلَّ انهن ماڻهن کي صراطِ مستقيم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ان حرام ۽ جهنّمي ڪم کان انهن ماڻهن کي توبهه جي توفيق عطا فرمائي۔ (آمين) (جہنم کے خطرات ص 182)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مذاق ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪوڙ اسان جي مُعاشَري ۾ هڪ وائرس (جراثيم) وانگر ڦھلجي رهيو آهي۔ شايد ئي اسان جي ڪا بيٺڪ يعني مَجلِس ڪوڙ کان مَحفُوظ ہجي، خُصُوصًا مذاق ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ته تمام عام آهي، کِل مسخري جي لاءِ مَحفِل سجائڻ ۽ پوءِ ان کي