Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

اِيمان آڻڻ چاہيان ٿو پر آئون شَراب نَوشي، بَدڪاري، چوري ۽ ڪوڙ سان مَحَبَّت رکندو آهيان ۽ ماڻهو هي چون ٿا ته توهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن شين کي حَرام قرار ڏيو ٿا، جڏهن ته منهنجي اندر ۾ اِنهن سڀني شين جي تَرڪ ڪرڻ جي طاقت ناهي، جيڪڏهن اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن ڳالھ تي راضي ٿيو ته آئون اِنهن مان ڪنهن هڪ شيء کي تَرڪ ڪري ڇڏيان ته مان اوهان تي اِيمان آڻڻ جي لاءِ تيار آهيان۔ نبي رحمت، مالڪ ڪوثر و جنّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: تون ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏي! اُن شخص اِن ڳالھ کي قَبول ڪري ورتو ۽ مُسَلمان ٿي ويو، جڏهن اهو نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ حاضر ٿيو ته اُن کي شراب پيش ڪيو ويو، اُن سوچيو جيڪڏهن مون شراب پي ورتو ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مون کان شراب پيئڻ جي مُتَعلِّق پُڇيو ۽ مون ڪوڙ ڳالهايو ته عَہد شِڪني ٿيندي ۽ جيڪڏهن آئون سچ ڳالهائيندس ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون تي حَد (سزا) قائم ڪندا، هي سوچي ڪري اُن شراب کي تَرڪ ڪري ڇڏيو، پوءِ اُن شخص کي بَدڪاري ڪرڻ جو موقعو مُيسَّر آيو ته اُن جي دل ۾ ٻيهر اهو ئي خَيال آيو، تنهنڪري اُن شخص اِن گناھ کي به تَرڪ ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح چوري جو مُعامَلو ٿيو، پوءِ اهو شخص رسولِ اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيو ۽ چوڻ لڳو! يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان تمام سٺو ڪيو جو مون کي ڪوڙ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ان (سچ ڳالهائڻ واري عادت) مون تي تمام گناھن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا، اِن کان پوءِ اهو شَخص تمام گناھن کان تائب ٿي ويو۔ (تفسیرِ کبیر،۶/۱۶۸)