Book Name:Shan e Usman e Ghani

جواب: مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! هي شيطان جو خوفناڪ حملو آهي، ان طرح جون ڳالهيون ڪرڻ وارا ڪڏهن ڪڏهن ته اَنبياءِ ڪرام عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ۽ اولياءِ عِظام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام جي توهين ڪري ڇڏيندا آهن ۽ توهينِ اَنبياء جي سبب ڪفر ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. ان لاءِ اسان کي گھرجي ته اهڙن ماڻهن جي صُحبت کان نه صِرف خُود پاسو ڪريون بلڪه ٻين کي به بچائڻ جي ڪوشش ڪريون۔

غيرالله کان مدد گھُرڻ ڪيئن؟

ان وَسوَسي جي ڪاٽ ڪرڻ جي لاءِ هي ياد رکو !حقيقتاً مدد ڪرڻ صِرف ۽ صِرف الله عَزَّوَجَلَّ جي ذات سان گڏ خاص آهي۔ ان جي عَطا جي بغير هڪ ذَرّو به فائدو نٿو ڏيئي سگھي، اَنبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام، اَولياءِ عظام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَلَيْه به ان جي ڏنل طاقت ۽ اِجازت سان مدد فرمائيندا آهن۔ هي ان طرح آهي جيئن ڪنهن فيڪٽري يا ڪارخاني جو مالڪ اُتي ڪم ڪرڻ وارن مَزدُورن تي هڪ سُپر وائزر يا ناظم مُقَرَّر ڪري ۽ پوءِ هي حڪم جاري ڪري ته مهيني جي اُجرت هن کان وُصُول ڪئي وڃي۔ هاڻي جيڪڏهن ڪو مَزدُور هن طرح اِعْتراض ڪري ته مالڪ جي هوندي سُپر وائزر يا ناظم جي ڪهڙي ضرورت ؟ ۽ اسان مالڪ جي هوندي ڪنهن ٻي کان اُجرت ڇو وٺون؟ اسان ته مالڪ کان ئي اُجرت حاصل ڪنداسين۔ ته يقيناً ان مُلازم جي ڳالھ کي بيوقوفي ۽ مالڪ جي مخالفت ئي سمجھيو ويندو۔ ڇو جو سُپروائزر جي اُجرت ڏيڻ مالڪ جو ئي ڏيڻ آهي، حقيقتاً اُجرت ڏيڻ وارو مالڪ ئي آهي، سُپر وائزر ۽ ناظم ته ان جا قائم ڪيل وسيلا آهن. بلڪل انهي طرح الله عَزَّوَجَلَّ کان علاوه ڪنهن ٻي کان مدد گھُرڻ ۽ ان مبارڪ هستين جي رب تعالٰي جي عَطا سان اِمداد ڪرڻ به الله