Book Name:Shan e Usman e Ghani

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو! ته اَمِيرُالْمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي عَظمت جي پيشِ نظر ڪهڙن ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو ويندو آهي۔ يقينًا هڪ شخص جون بهترين خوبيون جيتري قدر وڌيڪ هونديون اوتري قدر ئي ان کي سٺن لقبن ۽ چڱي اَنداز سان ياد ڪيو ويندو۔ اَمِيرُالْمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي ايترن لقبن جو هئڻ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي عظمت ۽ شان جي علامت آهي۔

احاديثِ مُبارڪه ۽ شانِ عثمان غَني:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عُمومًا ڏٺو ويندو آهي ته هڪ غلام ته پنهنجي آقا جي عنايتن ۽ ان جي مهربانين جي سبب ان جي تمام گھڻي تعريف ڪندو رهندو آهي۔ پر ڪمال هي آهي ته جڏهن آقا به پنهنجي غُلام جي خُوبين تي سندس تعريف ڪري ۽ ان سان قائم هجڻ واري تَعَلُّق کي وڏي چاھ سان اِظهار ڪرن۔ اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو شُمار به انهن خُوش نصيب صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان ۾ ٿئي ٿو جن جي حق ۾ حُضُور پر نور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تازگي بخشندڙ مبارڪ لبن (يعني چَپن سان) ڪيئي ڀيرا تعريف فرمائي ،ڪڏهن سندن کي دربارِ رِسالت عَـلٰي صاحِبِھَاالـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کان جَنَّت جي خوشخبري عطا ڪئي وئي، ته ڪڏهن مٺي مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجو جَنَّتي رفيق (ساٿي) قَرار ڏنو، ڪڏهن ته سندن کي ڪامل حَيا جي سَنَد عطا فرمائي ته ڪڏهن اوهان جي شَفاعت جي ذَرِيعي ماڻهن کي جَنَّت حاصل ڪرڻ جو اعلان فرمايو۔ اچو ته شانِ عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي مُتعلّق چار(4) فرامينِ مُصْطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا: