Book Name:Shan e Usman e Ghani

انهيءَ آيت مان معلوم ٿيو ته الله عَزَّوَجَلَّ جا محبوب، داناءِ غيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي علمِ غيب ٻڌائيندا آهن ۽ ظاهر آهي ته ٻڌائيندو اهو ئي جيڪو پاڻ به ڄاڻندو هجي۔ (خوفناڪ جادوگر،ص۱۳) حضرت امام علّامه احمد بن محمد خطيب قَسطَلاني شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: سَيدِ عالَم ، نُورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عِلمِ غيب تي مُطَّلع (باخبر) هئا، هي ڳالھ صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان ۾ تمام مشهور ۽ هر هڪ جي زبان تي هئي۔

(المواهب اللدنيۃ بالمنح المحمديۃ، المقصد الثامن في طبه...الخ، الفصل الثالث في انبائه بالانباء المغيبات،ج۳،ص۹۱)

صَــلُّـوا عَـلَـي الْـحَبِيْـب! صَـلَّـي اللهُ تَعالٰـي عَلـٰي مُـحَـمَّد

بيان جو خُلاصو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي شان جي مُتَعلِّق بَيان ٻڌو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ

v    نهايت ئي حليم، سخي، نرم دل، نرم گُفتار، شَرافت ۽ عاجزي جا پيڪر، شرم و حَيا جي مَظْهر هئڻ سان گڏوگڏ هردلعزيز شَخْص هئا۔

v    سَخاوت جا مَظهر هئا، راھِ خُدا ۾ قُربان ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گھرٻار، جان ۽ اولاد جي به پروا نه ڪندا هئا، انهي لاءِ جڏهن هجرت جو موقعو آيو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن پنهنجي گھر وارن سان گڏ پهرين حَبۡشه جي طرف هِجرت ڪئي ۽ پوءِ مَـدِيـنَهء مُـنَوَّرَه زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي طرف به هجرت فرمائي۔

v        پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو سُنّتِ رسول تي عمل ڪرڻ جو جذبو مرحبا! صد مرحبا۔

سندن کي ڪيترن ئي مختلف لقبن سان ياد ڪيو ويندو آهي مثلاً" ذُوالنّورين،جامع القرآن، جَيْشُ الْعُسْرَةِ‘‘يعني تنگي واري لشڪر جي