Book Name:Shan e Usman e Ghani

ته’’هٰكَذَا كَانَتْ اِزْرَةُ صَاحِبِيْ يعني نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو تهبند (گوڏ) به اهڙي طرح (يعني نِصف (اَڌ) ٽنگ جي پنيءَ تائين) هوندي هئي۔‘‘

(الشمائل المحمديۃ،باب ماجاء في صفۃ ازار۔۔۔الخ،ص۸۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو سُنَّتِ رسول تي عمل ڪرڻ جو جَذبو مرحبا! پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ لباس پائڻ ۾ به نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيروي فرمائيندا هئا۔ اسان به سُنّت جي مُطَابِق بدن تي سفيد لباس، مٿي تي زُلفون گڏوگڏ گنبذِ خَضريٰ جي يادن سان مالا مال سبز سبز عمامو، چهري تي شريعت جي مُطَابِق هڪ مُٺ ڏاڙھي، اکين ۾ سُرمو، مٿي ۾ تيل لڳائي ڪري سُنتن جي هلندي ڦرندي تصوير بڻجي وڃڻ گھرجي ۽ فيشن وارو سوڙهو ۽ چُست لباس پائڻ کان نه صِرف خُود بچڻ گھرجي بلڪه ٻين کي به شَفْقَت ۽ مَحَبَّت سان سمجھائيندي سُنتن تي عمل جي ترغيب ڏيارڻ گھرجي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته! هاڻي اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمَانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن جا ڪجھ لقَبَ ۽ ان جا سبَبَ ٻڌون ٿا۔

پهريون لقب، ذُوالنُّورَين:

اَمِيرُالْمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو هڪ مشهور ۽ معروف لقب’’ذُوالنُّوْرَين“ (يعني ٻن نُورن وارو) به آهي۔ ان لَقَب جي وڌيڪ مشهور سبب هي آهي ته حُضُور پُرنُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجون ٻه شهزاديون حضرت سَيدَتُنا رُقَيّه ۽ حضرت سَيدَتُنا اُمِّ ڪُلثُوم رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا