Book Name:Shan e Usman e Ghani

ڪندا، (الله عَزَّوَجَلَّ جو گُناهگارن کي دَرِ مُصطَفٰي تي حاضري جو حڪم ڏيڻ ۽ اُتي رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجو سِفارشي بنائڻ هي غَيرُالله کان مدد گھُرڻ آهي ۽) اهو ئي اسان جو مطلب آهي۔ جيڪا قرآن جي آيت صاف فرمائي رهي آهي۔ (فتاويٰ رضويه: ۲۱/۳۰۵)

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري ”مڪتبة المدينه“ جي مطبوعه 274 صفحن تي مُشتمل ڪتاب” صحابهء کرام کا عشقِ رسول “ جي صفحي نمبر 92 تي آهي ته ، حضرتِ رَبيعه بن ڪعب اسلَمي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو بَيان آهي ته آئون رات جو رسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ اَقْدس ۾ رهندو هئس، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وُضو جي لاءِ پاڻي آڻيندو هئس ۽ ٻيون خدمتون به بجا آڻيندو هئس۔ هڪ ڏينهن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مون کي فرمايو : سَلْ (يعني گھُر، ڇا ٿو گھُرين!) مون عَرْض ڪيو: اَسْئَلُکَ مُرَافَقَتَکَ فِی الْجَنَّۃِ۔ مان اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان بِهشْت (جنّت) ۾ سندن ساٿ گھُران ٿو۔ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ان کان عِلاوه ٻيو ڪجھ؟ حضرتِ رَبِيعه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن عَرض ڪيو ته منهنجو مقصود ته اهو ئي آهي (يعني جنَّت ۾ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رفاقت ئي مون لاءِ ڪافي آهي)۔ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ته سجدن جي ڪثرت سان منهنجي مدد ڪريو (يعني خود به ان بلند مقام جي شان پيدا ڪريو ،منهنجي عطا جي ناز تي عبادت جي ڪثرت کان غافل نه ٿي وڃ. ) (صحيح مسلم،ڪتاب الصلوۃ،باب فضل السجود، الحديث۴۸۹،ص۲۵۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!ان حديثِ پاڪ ۾ مٺي مٺي آقا، سردارِ انبياء صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرتِ ربيعه کي فرمايو: اَعِنِّي يعني منهنجي اعانت (مدد) ڪر! ۽ انهي کي استِعانت ۽ استِمداد يعني مَدد گھُرڻ چوندا آهن. جيڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ کان عِلاوه ڪنهن کان مدد گھُرڻ ناجائز هجي ها ته