Book Name:Shan e Usman e Ghani

تَعَالٰی عَنْهُ جي گھر مبارڪ جو گھيرو ڪيو هو، سندن جي گھر ۾ پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه پئي وڃڻ ڏنو ويو ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اُڃ جي سختي کان تڙپي رهيا هئا، مان اوهان سان ملاقات لاءِ حاضر ٿيس ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ مون کي ڏسي ارشاد فرمايو ’’مَرْحَبًا بِاَخِيْ : يعني اي منهنجا ڀاءُ! خوش آمديد . پوءِ ارشاد فرمايو ته اي عبدالله بن سلام(رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ) مون اڄ رات رحمتِ عالميان، مديني جي سلطان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ان روشندان ۾ ڏٺو، رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وڏي شفقت ڀري لهجي ۾ ارشاد فرمايو: ”اي عثمان (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ)! انهن ماڻهن پاڻي بند ڪري اوهان کي اُڃ جي ڪري بيقرار ڪري ڇڏيو آهي؟“ مون عرض ڪيو: جي ها، ته پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جلدي هڪ ڏول مون ڏانهن لٽڪايو، جيڪو پاڻي سان ڀريل هو، مون ان مان ڍؤ ڪري پيتو، اڃا تائين ان پاڻي جي ٿڌاڻ پنهنجي ٻنهي ڇاتين ۽ ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ محسوس ڪري رهيو آهيان، پوءِ حضورِ اڪرم،نورِ مُجَسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: اِنْ شِئْتَ نَصَرْتُ عَلَیْہِمْ وَاِنْ شِئْتَ اَفْطَرْتَ عِنْدَنَا ”يعني جيڪڏهن اوهان جي خواهش هجي ته انهن ماڻهن جي مقابلي ۾اسان توهان جي مدد ڪريون ۽ جيڪڏهن توهان چاهيو ته اسان وٽ اچي روزوافطار ڪيو۔“ ته مون سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم!جن جي دربارِ پُراَنوار ۾ حاضر ٿي روزو افطار ڪرڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي۔ (حضرت سيِّدنا عبدُالله بِن سلام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا: آئون ان کان پوءِ اجازت وٺي موٽي آيس) ۽ انهيءَ ڏينهن اميرالمُؤمنين حضرت سيدنا عثمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي باغين شهيد ڪري ڇڏيو۔ (ڪتاب المنامات مع موسوعة الامام ابن ابي الدنيا ج 3 ص 74 رقم 109) حضرت علامه جلاَلُ الدِّين سُيُوطِي عَليهِ رَحمةُ الۡقَوي نقل ڪن ٿا ته حضرت علامه اِبۡنِ باطِيش رحمةالله تعاليٰ عليه جي قول جي مطابق اميرالمُؤمنين