Book Name:Shan e Usman e Ghani

هڪ ٻئي پُٺيان حضرت سيِّدُنا عُثمان غَني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي نڪاح ۾ ڏنيون هيون، انهي سبب سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي’’ذُوالنُّورَين‘‘ چيو ويندوآهي۔ (تھذيب الاسماء، باب العين والثاء المثلۃ، ج۱، ص۴۵۳) اَعْليٰ حضرت،اِمام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انهي ڳالھ جي طرف اِشارو ڪندي فرمائن ٿا:

نُور کی سرکار سے پایا دوشالہ نُور کا

ہو مُبارَک تم کو ذُوالنُّورَیْن جوڑا نُور کا

(حدائقِ بخشش،ص۲۴۶)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٻيو لقب، جامِعُ القرآن:

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو هڪ لقب ”جَامعُ القرآن“ به آهي۔ اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا ابُوبڪر صدّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن پنهنجي عهد ۾ اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمرِ فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي مشوري سان مُتَفَرّق (الڳ) جڳھن کان قرآنِ پاڪ جا سڀئي صَحيفا جَمع ڪري ورتا هئا، پر ان ۾ ٽي(3) ڪم باقي هئا، جَمع ڪيل صحيفن کي هڪ مُصْحَف ۾ نَقل ڪرڻ، پوءِ ان هڪ مُصْحَف جا مُختلِف نُسخا اسلامي مُلڪن جي وڏن وڏن شهرن ۾ تقسيم ڪرڻ ۽ سڀني کي قُريش جي لهجي تي پڙهڻ جو حڪم ڏيڻ۔ هي ٽئي ڪم الله عَزَّوَجَلَّ اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان ورتا ۽ قرآنِ عظيم کي جَمْع ڪرڻ وعدهء الٰهي جي مُطابِق تامّ وڪامل (مڪمل) ٿيو، ان لاءِ اَمِيرُالْمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي ’’جامِعُ القرآن‘‘ چوندا آهن۔