Book Name:Shan e Usman e Ghani

جي سلطان، سروَرِ ذيشان، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام عَليِهِمُ الرِّضوَان کي وري ترغيب ڏياري ته حضرت سيّدنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان سموري سامان سميت ٽي سؤ اُٺ پنهنجي ذمي ڪيان ٿو۔ هي ٻُڌي ڪري پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام خُوش ٿيا۔ انهي لاءِ پاڻ کي ’’مُجَهِّزُجَيْشِ الْعُسْرَةِ‘‘يعني تنگي واري لشڪر جي مالي مُعاوَنت ڪرڻ وارو چيو ويندو آهي۔

(ترمذي، ڪتاب المناقب، مناقب عثمان بن عفان، ج۵، ص۳۹۱، حديث: ۳۷۲۰)

اِمامُ الْاََسْخِیاء! کر دو عطا حصہ سخاوت کا

قَناعَت ہو عنايت ، دیں نہ دَولت کی فَراوانی

(وسائلِ بخشش، ص۵۸۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄڪلهه ڏٺو ويو آهي ڪجھ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏسي جذبات ۾ اچي چندو لکرائيندا ته آهن پر جڏهن ڏيڻ جي وارو ايندو آهي ته انهن کي ڏيڻ ڏکيو لڳندو آهي، ۽ ايستائين جو ڪي ته ڏيندا به ناهن! پر قربان وڃجي پياري محبوب جي سچي عاشق، سيِّدُ الاَسۡخِياء عثمان باحيا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي جُود ۽ سَخا تان، جو پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پنهنجي اعلان کان وڌيڪ چندو پيش ڪيو۔ جيئن مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمت، حضرت مفتي احمد يار خان عَليهِ رَحمةُ الۡحَنَّان هن حديث پاڪ تحت فرمائن ٿا: خيال رهي اهو ته سندن جو اعلان هو پر حاضر ڪرڻ وقت پاڻ 950 اُٺ، 50 گھوڙا ۽ 1000 اشرفيون پيش ڪيون، ۽ بعد ۾ 10 هزار اشرفيون وڌيڪ پيش