Book Name:Shan e Usman e Ghani

رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن جو آهي ۽ صَحَابهَءِ ڪِرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن ۾ سڀني کان اَفضل خُلفاءِ رَاشِدين (يعني اَمِيرُالمُؤمِنين حضرت سَيدُنا ابُوبڪر صِدّيق، اَمِيرُالمُؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عُمر فارُوق، اَمِيرُالمُؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عُثمانِ غني ۽ اَمِيرُالمُؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عَليُ الۡمُرتَضٰي رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن) آهن۔ اڄ اسان انهن خُلَفاءِ عِظام مان ٽين خليفهء راشد، اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غَني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شان ۽ عظمت جي باري ۾ ٻُڌنداسين۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نامِ نامي اسمِ گرامي زَمانهء جاهليت (اسلام آڻڻ کان پهرين) ۽ زَمَانهءِ اسلام ۾ ’’عُثمان‘‘ ئي رهيو۔ (رياض النضرة، ج۲، ص۵)۔۔

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نَسَب جي اَفضَليت:

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي هي عظيم سَعادت حاصل آهي ته توهان جو نَسَب پنجين پُشت ۾ حضرت سَيّدُنا عبدِمَناف تي وڃي ڪري سَيّدُالمُبَلِّغِين، رَحمَة لِّلعٰلَمِين نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نَسبِ مُبارَڪ سان وڃي ملي ٿو۔ اهڙي طرح اَمِيرُالمؤمنين حَضرَتِ سَيدُنا مَولا عَلي شَيرِ خُدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کان بعد پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نَسَب سڀني کان گھٽ يعني فَقط پنج (5) واسطن سان سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نَسَب سان وڃي ملي ٿو۔

(رياض النضرۃ، ج۲، ص۵ ماخوذاً)

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ڪنيت ۽ ان جو سبب:

زمانهء جاهليَّت ۾ (اسلام آڻڻ کان پهرين) پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ڪنْيت’’اَبُوعَمْرو‘‘ هئي، بعد ۾ جڏهن الله عَزَّوَجَلَّ جي محبوب، دانائي غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جگر جي ٽڪري حضرت سَيّدَتُنا رُقَيهّ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا سان نڪاح ٿيو، اِن مان هڪ شهزادي حضرتِ سَيدُنا عَبْدُالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وِلادَت ٿي ته اُن جي نالي سان ڪُنيت ’’ اَبُو عبدالله‘‘ رکي ورتي۔ پوءِ اوهان جي هڪ ٻي پُٽ حضرت سيِّدُنا عَمۡرو رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي