Book Name:Shan e Usman e Ghani

بالڪل ننڍو هو ۽ نه ئي تمام وڏو بلڪه مُتَوسِّط هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو چهرو نِهايت ئي حَسين وجميل، رنگ سُرخي نمان گورو(يعني گُلابي) هو۔ ٻئي ڳل مبارڪ وڏا، ڪن ڊگھا، مبارڪ ڏندَ نهايت ئي خُوبصُورت، سينو (ڇاتي) مُبارَڪ ڪُشاده، ٻنهي ڪلهن جي دَرميان فاصلي هئڻ سان گڏوگڏ سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مبارڪ ٽنگ جون پنيون(پنڊليون) مضبوط ۽ خوبصورت، جڏهن ته ٻانهون مُبارڪ ٿوريون ڊگھيون هيون۔ سَرِ اَقدَس تي گھنگريلو زُلف مبارڪ نهايت ئي گھاٽا ۽ ڪنن کان هيٺ تائين هئا۔ اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيِّدُنا فارُوقِ اَعظَمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۽ اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سَيِّدُنا مَولاَ عَلي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي ڏاڙھي وانگر سندن جي ڏاڙھي به گھاٽي هئي۔ چمڙي باريڪ (سَنهي) پر سُنهري وارن سان ڀريل هئي، ايتري قَدَر حُسن وجَمال ۽ خُوبصُورتي جا مالڪ هئڻ جي باوُجُود پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ شَرم۽ حَيا جا پيڪر هئا۔

(طبقات ڪبري، عثمان بن عفان، ج۳، ص، ۴۲، الاصابۃ، عثمان بن عفان، ج۴، ص۳۷۷، رياض النضرۃ، ج۲، ص۶)

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اِنتهائي مالدار هئڻ جي باوُجُود قيمتي لباس پائڻ جي بجائي حُضُورِ اَنوَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لباس جي پَيروي ڪندا هئا ۽ عشق ۽ مَحَبَّت جو تقاضو به هي آهي ته ظاهري حُليو به پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنتن جو آئينه دار هجي۔ جيئن ته

لباس ۾ به اِتباع ِسُنت:

حضرت سَيدُنا سلَمَه بن اَڪۡوَعۡ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته اَمِيرُ المُؤمِنين حضرت سَيِّدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو تهبند نصف (اڌ) پنيءَ تائين هوندو هو ۽ ان جي سبب پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ خود اِرشاد فرمائيندا هئا