Book Name:Shan e Usman e Ghani

لائبريري ۾ مُختلِف مَوضُوعات تي مُشتمِل شيخِ طريقت ،اميرِاَهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه، عُلَماءِ اهلسنت کَثَّرَهُمُ الله تَعَالٰی ۽ اَلمدِينَةُ العِلمِيه جي ڪتابن، رَسالن ۽ VCDs,CDs وغيره رکڻ جي مجلس جي طرف کان طيءِ شده نظام جي مطابق رکڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي۔ اسان به ان سَهولَت کان فائدو حاصل ڪندي علمِ دين جي برڪتن سان مالا مال ٿي سگھون ٿا۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

 

اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٻارنهن مدني ڪمن ۾ حصو وٺو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سُنتن جي خدمت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان مهيني وارو هڪ مَدَني ڪم، هرمهيني3 ڏينهن جي ”مَدَني قافلي ۾ سفر ڪرڻ“ به آهي۔ اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا: آئون ۽ منهنجو هڪ انصاري پاڙيسري بنو اُمَيه بن زيد (جي پاڙي) ۾ رهندو هو، جيڪو مديني پاڪ جي اونچائي تي هو ،اسان واري واري سرڪارِ والا تَبار،شفيعِ روزِ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا هئاسين، هڪ ڏينهن اهي مدينهء مُنوّره ويندا هئا ۽ واپس اچي ڪري ان ڏينهن جي وحي جو حال مونکي ٻڌائيندا هئا ۽ هڪ ڏينهن آئون ويندو هئس ۽ اچي ڪري انهن کي وحي جي خبر جو حال ٻڌائيندو هئس۔

(صَحيح بُخاري ج ۱ ص۵۰حديث۸۹)