Book Name:Shan e Usman e Ghani

(فتاوي رضويه، ج۲۶، ص۴۵۲، فيضان صديق اڪبر، ص۴۱۹،ملخصاً)

تمہیں کو جامعِ قرآن کا حق نے دیا مَنْصَب

عطا قرآں کو کر کے جَمْع کی اُمَّت کو آسانی

(وسائلِ بخشش، ص۵۸۴)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٽيون لَقَب، مُجَھِّزُ جَيشِ العُسرَة:

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو هڪ لَقَب ’’مُجَهِّزُجَيشُ الْعُسْرَة‘‘ به آهي، جنهن جي مَعْنٰي آهي تنگي واري لشڪر جي مالي مُعاوَنت ڪرڻ وارو۔ جنگ ِتَبُوڪ جي موقعي تي جيڪو اسلامي لشڪر تيار ٿيو هو ان کي جَيشُ الْعُسْرَة چيو ويندو آهي ڇو جو غزوهء تَبوڪ نهايت ئي مشڪل مَقام ۽ شديد گرمي جي موسم ۾ ٿيو۔ حضرت سيّدنا عبدالرحمٰن بن خَبَّاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي: آئون بارگاههِ نبوي عَليٰ صاحبِها الصَّلوٰةُ وَالسَّلَام ۾ حاضر هئس ۽ حضور اڪرم، نورِ مُجَسَّم، رسولِ محتَرم، رحمتِ عالَم، ،نبيّ مُحۡتَشم، سراپا جود و ڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن صحابه ڪرام عَليِهِمُ الرِّضوَان کي ”جيش عُسرت“ (يعني غَزوه تَبوڪ) جي تياري لاءِ ترغيب ارشاد فرمائي رهيا هئا۔ حضرت سيّدنا عثمان بن عفان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اٿي بيهي عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پَلاڻ ۽ ٻئي سامان سميت سؤ اُٺَ منهنجي ذمي آهن۔

حضور سراپا نور، فيضِ گَنجور، شاههِ غَيور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام عَليِهِمُ الرِّضوَان کي وري ترغيب ڏياري ته حضرت سيّدنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ٻيهر اُٿيا ۽ عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سموري سامان سميت ٻه سؤ اُٺ حاضر ڪرڻ منهنجي ذميداري آهي، ٻنهي جهانن