Book Name:Shan e Usman e Ghani

حضرت سيدنا عثمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ سان گڏ سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ديدار وارو هي واقعو خواب ۾ نه بلڪ بيداري جي حالت ۾ پيش آيو۔ (الحاوي للفتاوي للسيوطي ج 2 ص 315)

رکھا مَحْصُور ان کو، بند ان پر کر دیا پانی

شہادت حضرتِ عُثمان کی بےشک ہے لاثانی

(وسائلِ بخشش، ص۵۸۵)

بے کسوں کا سہارا ہمارا نبی

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته سرڪارِ نامدار، مديني جي تَاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي الله عَزَّوَجَلَّ جي عطا سان سيدنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جا سڀئي حالات ظاهر ۽ واضح هئا، گڏوگڏ هي به معلوم ٿيو ته اسان جا مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بيڪسن جا مددگار به آهن تڏهن ته فرمايائون: اِنْ شِئْتَ نُصَرْتُ عَلَیْہِمْيعني جيڪڏهن تنهنجي خواهش هجي ته انهن ماڻهن جي مقابلي ۾ تنهنجي مدد ڪيان۔

غمزدوں کو رضاؔ مژدہ دیجے کہ ہے

بیکسوں کا سہارا ہمارا نبی (حدائق بخشش شریف)

وَسوَسو: ان روايت کي ٻڌي ڪري ٿي سگھي ٿو ته شيطان ڪنهن جي ذِهن ۾ هي وسوسو آڻي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي ذاتِ پاڪ جي هوندي، ڪنهن غيرکان مدد گھُرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جڏهن هو پنهنجي ٻانهن جي ٻُڌندو آهي ۽ مدد به ڪندو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ئي کان مدد گھُرڻ گھرجي۔