Book Name:Shan e Usman e Ghani

۽ رِيا ڪاري، حُبِّ جاھ، بخل ۽ خُود پَسندي وغيره وغيره گُناهن جو اِرتِڪاب اسان جي مُعاشَري ۾ وڏي بهادري سان ڪيو ويندو آهي۔ ائين محسوس ٿيندو آهي ته شرم ۽ حَيا اسان جي قريب کان به ناهي گذريو۔ اسان جو حال ته هي ٿي چُڪو آهي ته

دن لَہْو میں کھونا تجھے ،شب صبح تک سونا تجھے

شرمِ نبی ،خوفِ خدا یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں (حدائقِ بخشش)

مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دل ۾ خوفِ خُدا پيدا ڪرڻ ۽ شرم ۽ حَيا اپنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هروقت وابسته رهو، عاشقانِ رسول جي مَدَني قافلن ۾ سُنتن جي تَربِيت جي لاءِ سفر اِختيار ڪريو ۽ ڪامياب زِندگي گُذارڻ ۽ پنهنجي آخِرت سَنوارڻ جي لاءِ روزانو’’فڪر مدينه‘‘ جي ذريعي مدني اِنعامات جو رِسالو پُر ڪريو۔ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه هڪ مدني مذاڪري ۾ مدني انعامات جو رِسالو جمع ڪرائڻ جي حوالي سان مدني گُل عطا ڪندي فرمائن ٿا ته: ”هر روز فڪرِ مدينه ڪري مدني انعامات جي رِسالي جي خانه پُر ڪريو ۽ ذِمه دارکي هر مدني مهيني جي پهرين تاريخ تي جمع ڪرايو، 10 تاريخ جو اِنتظار نه ڪريو"۔ هفتيوار سُنتن ڀري اجتِماع ۾ شرڪت ڪريو ۽ دعوتِ اسلامي جو هر دلعزيز 100 فيصد اسلامي چينل ”مَدَني چينل“ خود به ڏسندا رهو ۽ ٻين کي به ڏسڻ جي ترغيب ڏياريندا رهو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد