Book Name:Shan e Usman e Ghani

حضرت عُثمان جو مسلمانن جي لاءِ پاڻي خريد ڪرڻ :

مَنْقول آهي ته جڏهن مُهاجرين، مڪهء مُعَظَّمه زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا کان هجرت فرمائي ڪري مدينهء مُنوَّره زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي طرف آيا ته هتي جو نَمڪين پاڻي سندن طبيعت کي نه پيولڳي۔ بني غفار سان تَعَلُّق رکڻ واري هڪ شَخص جي مِلڪ ۾ پاڻي جو هڪ مٺو چشمو هو جنهن کي’’رُومه‘‘ چيو ويندو هو۔ اهو ان مان هڪ مشڪ هڪ ”مُد“ جي عِوَض وِڪرو ڪندو هو۔ رحمتِ عالم، نُورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اُن کي فرمايو: هي چشمو منهنجي هٿ تي هڪ جنّتي چشمي جي عِوَض وڪرو ڪري ڇڏ ، اُنهن عَرْض ڪيو:’’يارَسُوْلَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجو۽ منهنجي ٻارن جو گُذر بَسر انهي تي آهي، مون ۾ائين ڪرڻ جي سگھ ناهي۔‘‘جڏهن هي خبر حضرت سَيّدُنا عُثمانِ غَني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ تائين پهتي ته پاڻ اهو چَشمو ان شَخص کان پنجٽيھ هزار (35,000) دِينارن ۾ خريد ڪري ورتو ،پوءِ بارگاھ رِسالت ۾ حاضِر ٿي ڪري عَرْض ڪيو: ”يَا رَسُولَ اللهِ اَتَجْعَلُ لِي مِثْلَ الَّذِي جَعَلْتَهٗ لَهٗ عَيْنًا فِي الْجَنَّةِ اِنِ اشْتَرَيْتُھَا؟يعني يارَسُول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا جهڙي طرح اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان شَخص کي جَنَّتي چشمو عَطا فرمائي رهيا هيو، جيڪڏهن آئون هي چشمو ان کان خريد ڪري وٺان ته حُضُور مون کي عَطا فرمائيندا؟‘‘ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: ها۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن عَرض ڪيو: مون اهو چشمو خريد ڪري مسلمانن تي وَقف ڪري ڇڏيو۔

(معجم ڪبير، بشير الاسلمي ابو بشر،ج۲،ص۴۱)

سرکار سے پائیں گے مرادوں پہ مرادیں

دربار پہ دُربار ہے عُثمانِ غنی کا