Book Name:Shan e Usman e Ghani

وِلادَت ٿي ته ان جي نالي سان ڪنيت” اَبُو عَمْرو“رکي ورتي، ٻئي مشهور آهن پر ”ابُو عَمْرو“ وڌيڪ مشهور آهي۔

(طبقات کُبريٰ، عثمان بن عفان، ج۳، ص۳۹، رياض النضرۃ، ج۲، ص۶)

دَورِ جاهليت ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي اَوصاف:

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ زمانهء جاهليت ۾ به پنهنجي قوم جي شريف ۽ عزّت دار ماڻهن ۾ شُمار ڪيا ويندا هئا۔ طبيعت جو جَمال، اوهان جي جَلال تي غالب هو، اهو ئي سبب آهي ته نِهايت ئي وڻندڙ گفتگو فرمائيندا هئا، تمام ئي شفيق ۽ مهربان هئا۔ شان وشَوڪت جا مالِڪ ، نهايت ئي مالدار پر شَرم ۽ حَيا جا پيڪر هئا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ذاتِ مُبارَڪه سڀني صِفاتِ رَذِيله (بُري خوبين) کان پاڪ هئي، بلڪه جاهِليَّت جي دَور ۾ به اوهان جي اندر اهڙيون باڪمال صِفتون موجود هيون جو خُود قُريش جا ماڻهون به اوهان سان بي پناھ مَحَبَّت ڪندا هئا۔ جيئن ته قُرَيش جي سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان مَحَبَّت ايتري مشهور هئي جو ضَربُ المثل (چَوَڻي) بڻجي وئي ۽ مائرون جڏهن رات جو پنهنجي ٻارن کي سُمهارينديون هيون ته اُنهن تي پنهنجو پيار جَتائيندي ائين چونديون هيون:’’اُحِبُّک وَالرَّحْمٰنُ حُبَّ قُرَيشِ عُثْمَان۔ يعني آئون ۽ منهنجو رَبّ عَزَّوَجَلَّ توسان مَحَبَّت ڪندا آهن، جيئن قُرَيش (سيدُنا) عُثمانِ غني (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) سان مَحَبَّت ڪندا آهن۔“ (تاريخ ابن عساکر، ج۳۹، ص۲۵۱،ملخصاً)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حليو مبارڪ:

اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تمام خُوبصورت حُليي جا مالڪ ۽ اِنتهائي حَسين اِنسان هئا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو قد مُبارَڪ نه