Book Name:Shan e Usman e Ghani

ڪيون (مفتي صاحب وڌيڪ فرمائن ٿا) خيال رهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پهرين ڀيري هڪ سؤ جو اعلان ڪيائون، ٻئين ڀيري 100 اُٺَن کان علاوه 200 جو، ٽئين ڀيري وڌيڪ 300 جو، ڪُل 600 اُٺَ (پيش ڪرڻ) جو اعلان ڪيائون۔

(مِراة المناجيح ج 8 ص 395 از ڪراماتِ عثمانِ غني)

مجھے اپنی سَخاوت کے سَمُندر سے کوئی قَطرہ

عَطا کر دو نہیں دَرْکار مجھ کو تاجِ سُلطانی

(وسائلِ بخشش، ص۵۸۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

چوٿون لَقَب، صاحِبُ الۡهجرَتَين:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جهڙي طرح دِينِ اسلام جي سَر بُلندي جي لاءِ پنهنجو مال لُٽائيندا هئا، اهڙي طرح خُود به پوئتي نه رهندا هئا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ انهن صحابهء ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن مان هئا جن راھِ خدا ۾ ٻه ڀيرا هجرت ڪئي، هڪ ڀيرو حبشه جي طرف ۽ ٻيو ڀيرو مَـدِيـنَهء مُـنَوَّرَه زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي طرف۔ انهي لاءِ سندن کي’’صاحِبُ الْهِجْرَتَين‘‘جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي۔ جنهن جو مطلب آهي ٻه هجرتون ڪرڻ وارو۔

(طبقات ڪبري، عثمان بن عفان، ج۳، ص۴۰، اند الغابۃ، عثمان بن عفان، ج۱، ص۷۴۹، ڪراماتِ عثمان غني، ص۴)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد