Book Name:Shan e Usman e Ghani

1.       عُثمان مون مان آهي ۽ آئون عُثمان مان آهيان۔ (تاريخِ دمشق، ۳۹/۱۰۲)

2.       جَنَّت ۾ هر نبي جو هڪ رفيق هوندو ۽ منهنجو رفيق (ساٿي) عُثمان بن عَفان هوندو۔ (تاريخِ دمشق، ۳۹/۱۰۴)

3.       قِيامت جي ڏينهن عُثمان جي شفاعت سان سَتّر هزار (70,000) اهڙا ماڻهو بغير حساب جي جَنَّت ۾ داخل ٿيندا جن تي جَهنَّم واجب ٿي چڪو هوندو۔ (تاريخِ دمشق، ۳۹/۱۲۲)

4.       حَيا ايمان مان آهي ۽ منهنجي اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ حَيا ڪرڻ وارو عثمان آهي۔ (تاريخِ دمشق، ۳۹/۹۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي شرم ۽حَيا جي به ڇا ڳالھ ڪجي جو نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به سندن کان حَيَا فرمائيندا هئا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ هميشه نهايت بهترين خوبين جا حامل رهيا، ايستائين جو زمانهء جاهليَّت ۾ به ڪيترين ئي بُرائين کان پَري رهيا، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ خود پنهنجون خوبيون بيان ڪندي اِرْشاد فرمائن ٿا: مون نه ڪڏهن فُضُول شعرَ ڳايا ۽ نه ئي ان جي خواهش ڪئي، زَمانهء جاهليت ۽ زَمانهء اسلام ۾ ڪڏهن به شراب نه پيتو ۽ جڏهن کان مون ٻنهي جهانن جي تاجور، سُلطانِ بحروبَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هٿ مبارڪ تي بيعت ڪئي آهي تڏهن کان ساڄو هٿ مون ڪڏهن به پنهنجي شرمگاهه کي ناهي لڳايو۔۔(تاريخ ابن عساڪر، ج۳۹، ص۲۲۵) مزيد فرمائن ٿا: آئون بند ڪمري ۾ غُسل ڪندو آهيان ته الله عَزَّوَجَلَّ کان حَيا جي سبب سَمَيٽجي ويندو آهيان۔

(مرقَاۃُ الْمَفَاتِيْح ج۸ ص۸۰۳،تحت الحديث ۵۰۷۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هي ته اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غَني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو شرم وحَيا آهي ،جڏهن ته اسان جي شَرم ۽ حَيا جو