Book Name:Shan e Usman e Ghani

صِرف خُود اِنهن جي مَحَبَّت کي پنهنجي دل ۾ رکون بلڪه پنهنجي اَولاد کي به صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي مَحَبَّت ۽ سندن اَدَب سکاريون۔ ان جو هڪ تمام بهترين ذريعو هي به آهي ته پنهنجي ٻارن کي صحابهءِ ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جا واقعا ٻڌايون، ان جي سِيرت ۽ ڪِردار جي باري ۾ ٻڌايون ۽ ان جي طريقي تي هلڻ جي ترغيب به ڏياريون۔ اَلْحَمدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي 695 صفحن تي مُشتمِل ڪتاب الله والوں کی باتيں(جلد اَوّل)“ شايع ڪرڻ جي سَعادَت حاصل ڪئي آهي، ان ڪتاب ۾ 97 صحابهءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جا مُختصر حالات ۽ واقعن سان گڏوگڏ بي شُمار مَدَني گُل به پنهنجي خُوشبو لُٽائي رهيا آهن۔ توهان به ان ڪتاب کي مڪتبة المدينه کان هديةً حاصل ڪريو۔ اِنْ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان اسان کي پنهنجي بُزرگن جي سيرت ۽ ڪردار کان واقِفيت ٿيندي ۽ انهن جي نَقشِ قدم تي هلڻ جو ذهن بڻجندو۔ اهڙي طرح مڪتبة المدينه جي هڪ ٻي وڏي پياري ڪتاب "ڪَراماتِ صحابه" جو مطالعو فرمايون، اهڙي طرح صحابهءِ ڪرام جي سيرت جي متعلق مڪتبة المدينه جو هڪ تمام ئي پيارو ڪتاب جنهن جونالو "خلفاءِ راشدين" آهي

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

نامِ نامي ، اسمِ گرامي:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح تمام اَنبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام مان سڀني کان اَفضل ۽ اَعليٰ اسان جا آقا و مَوليٰ، تَاجِدَارِ اَنبياء صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، اهڙي طرح ٻين سمورن انبياء عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي صَحابين ۾ به سڀني کان اَفضل مَقام اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحابهءِ ڪِرام