Book Name:Shan e Usman e Ghani

1.       هي عمل ان جي لاءِ ڏھ (10) سال اِعتڪاف ڪرڻ کان بهتر آهي ۽ جيڪو شخص الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا جي لاءِ هڪ ڏينهن اعتڪاف ڪري الله عَزَّوَجَلَّ ان جي ۽ جَهنَّم جي درميان ٽن (3) خَنْدَقن جي ذريعي رَوڪ فرمائي ڇڏيندو ۽ ان مان ٻن (2) خَنْدَقن جي وِچ جو فاصلو مَشرِق ۽ مَغْرِب جي فاصلي کان وڌيڪ آهي۔''

(الترغيب والترھيب ،ڪتاب البر والصلۃ ، باب التر غيب في قضاء حوائج المسلمين .. الخ رقم ۸ ، ج۳ ، ص ۲۶۳)

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي به پنهنجي مُسَلمان ڀائرن جي خبر گيري ڪرڻ ۽ انهن جون مُشڪلاتون حل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوا عَـلَـي الْـحَبِيْـب! صَـلَّـي اللهُ تَعالٰـي عَلـٰي مُـحَـمَّد

ساقيءِ ڪوثر سيراب فرمائي ڇڏيو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪو شخص پنهنجي مُسلمان ڀاءُ جي ضرورتن کي پُورو ڪندو آهي ته اهو الله عَزَّوَجَلَّ جو پسنديده ٻانهو بڻجي ويندو آهي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ غيب کان ان جي ضرورتن کي پُورو فرمائيندو آهي. جڏهن ته اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جن پنهنجي پوري زِندگي ماڻهن جون ضرورتون پُوريون ڪرڻ، ان جي تڪليفون حل ڪرڻ ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي، ان لاءِ جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ تي آزمائش آئي ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ تي پاڻي بند ڪيو ويو ته جنابِ رَسُوْلُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن خُود اچي ڪري حضرتِ عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي سيراب فرمايو۔ جيئن ته حضرت سيِّدُنا عبداللهِ بِن سَلام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته جن ڏينهن باغين اميرالمؤمنين حضرت سيِّدُنا عُثمان رَضِىَ اللهُ