Book Name:Shan e Usman e Ghani

عَزَّوَجَلَّ ئي جي اِمداد فرمائڻ آهي۔ ڇو جوالله عَزَّوَجَلَّ ئي پنهنجي عَطا سان انهن مبارڪ هستين کي اسان جي فرياد رسي ڪرڻ تي مُقَرَّر فرمايو آهي. الله عَزَّوَجَلَّ کان علاوه ڪنهن ٻي کان مدد گھُرڻ جي ترغيب ته خُود قرآنِ پاڪ ۾ به مَوْجُود آهي۔ جيئن ته سيپاري نمبر1 سُوْرَة الْبَقَره ،آيت نمبر 45 ۾ الله عَزَّوَجَلَّ اِرْشاد فرمائي ٿو :

وَ اسۡتَعِیۡنُوۡا بِالصَّبۡرِ وَ الصَّلٰوۃِ ؕ

(سيپارو:1، بقره:45)

 

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ صبر ۽ نماز کان مدد وٺو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور فرمايو ته ! الله عَزَّوَجَلَّ حڪم فرمائي رهيو آهي ته صبر ۽ نماز کان مدد گھُرو۔ هاڻي جيڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ کان علاوه مدد گھُرڻ ناجائز هجي ها ته خدا عَزَّوَجَلَّ ئي حڪم ڇو اِرشاد فرمائي ها ته صبر ۽ نماز کان مدد گھُرو! ڇو جو صبر ۽ نماز خدا ناهي بلڪه غَيرِ خدا آهن۔ انهي طرح سيپاري 5 سُوْرَة النِّسآء جي آيت نمبر 64 ۾ اِرْشاد فرمايو:

وَ لَوۡ اَنَّہُمۡ اِذۡ ظَّلَمُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ جَآءُوۡکَ فَاسۡتَغۡفَرُوا اللّٰہَ وَ اسۡتَغۡفَرَ لَہُمُ الرَّسُوۡلُ لَوَجَدُوا اللّٰہَ تَوَّابًا رَّحِیۡمًا ﴿۶۴﴾

(سيپاري: ۵، النسآء: ۶۴)

 

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪن ته اي محبوب تنهنجي دربار ۾ حاضر ٿين پوءِ الله کان معافي گھُرن ۽ رسول انهن جي شفاعت فرمائي ته ضرور الله کي گھڻو توبھ قبول ڪندڙ مهربان لهندا.

اِمامِ اَهلسنّت، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان آيت جي تحت اِرشاد فرمائن ٿا: ڇا الله تَعَالٰي (پنهنجي محبوب جي امت جي گُناهن کي) خود نٿو بخشي سگھي۔ پوءِ هي ڇو فرمايو ته اي نبي! تو آڏو حاضر ٿين ۽ تون الله (عَزَّوَجَلَّ ) کان انهن جي بخشش چاهين تڏهن هي دولت ۽ نعمت حاصل