Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

فِيۡ حَالَةِ الۡبُعۡدِ رُوۡحِيۡ كُنۡتُ اُرۡسِلُهَا تُقَبِّلُ الۡاَرۡضَ عَنِّيۡ فَهِيَ نَائِبَتِيۡ

وَهَذِه دَوۡلَةُ الۡاَشۡبَاحِ قَدۡ حَضَرَتۡ فَامۡدُدۡ يَمِيۡنَكَ كَيۡ تَحۡظٰي بِهَا شَفَتَي

يعني وڇوڙي جي حالت ۾، آئون پنهنجي رُوح کي خِدمتِ اَقدَس ۾ موڪليندو هئس ته اها منهنجي نائب بڻجي ڪري آستانهء مُبارَڪه کي چومندي هئي ۽ هاڻي بدن سان گڏ حاضِر ٿي ڪري مِلڻ جو موقعو آيو آهي ته پنهنجو دَستِ مُبارَڪ ڊگھو فرمايو ته جيئن منهنجا چپ دَست بوسي جو شَرَف حاصِل ڪري سگھن۔“جيئن ئي اهي اشعار خَتم ٿيا قَبرِ مُنَوَّر کان دسْتِ مُبارَڪ ظاہر ٿيو ۽ اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن دَسْت بوسي جي سَعادت حاصل ڪر ي ورتي۔([1])

واہ کیا جُود و کَرَم ہے شہِ بَطحا تیرا

 

’’نہیں‘‘ سُنتا ہی نہیں مانگنے والا تیرا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي اسان جا اَڪابِر ۽ بُزُرگانِ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهِم اَجۡمعِیۡن مديني جي حاضِري جي لاءِ وڏا بي چين رہندا هئا جيئن ته اِمامُ العارِفِين حضرت سَيد اَحمد ڪبير رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ اسان ٻڌو ته اُنهن تي يادِ طيبه ۽ عشقِ رسول جو غَلَبو رهندو هو بلڪه پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عشق جي تسڪين جي خاطر جسماني طور تي نه سهي پر رُوحاني طور تي پياري آقا، مڪي مَدَني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درِ اقدس جي چائنٺ کي چُمي ايندا هئا، پر اِن جي باوُجود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جِسم ۽ رُوح سان گڏ مَحبوب جي ديس کان سَڏَ جا مُنتَظِر رہندا هئا۔ پوءِ جڏهن اُنهن جي قسمت چمڪي، اِنتِظار جي گهڙيون ختم ٿيون ۽ بارگاھِ رسالت کان

 



[1] الحاوی للفتاوی،کتاب البعث،تنویر الحلک فی امکان رؤیۃ النبی والملک،۲/۳۱۴