Book Name:Jahan Hai Tere Liye
* اهو ئي توهان جو خالق آهي * اهو ئي رب آهي * اهو ئي عبادت جي لائق آهي ۽ * اهو هر شيءِ جو خوب علم رکي ٿو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! ڪيتري دلڪش آيتِ ڪريمه آهي، ڪيئن صاف صاف ۽ سادي لفظن ۾ الله پاڪ جي نعمتن جو اسان کي احساس ڏياريو ويو آهي، اسان جيڪڏهن سچي دل سان هن آيتِ ڪريمه کي سمجهون، ان تي غور ڪريون ته اهو ٿي ئي نٿو سگهي ته الله پاڪ جي محبت اسان جي دل ۾ نه لهي. ٿورو تصور ته ڪيو: اهو ڪهڙو رحمان و رحيم رب آهي، ڪهڙو عظيم رب آهي جو هن ڪائنات جي ذري ذري ۾ اسان جي لاءِ نفعو بخشڻ (يعني فائدو پهچائڻ) جو پهلو رکيو آهي * توهان ٿورو غور فرمايو! اها زمين اسان جي لاءِ پيدا ڪئي وئي * آسمان اسان جي لاءِ بڻايو ويو * Just Imagine (تصور ڪيو!) الله پاڪ زمين کي فرش جي صورت ۾ وڇايل بڻايو، جيڪڏهن اها ديوار وانگر بيهاريل حالت ۾ هجي ها، اسان ان تي ڪيئن رهي سگهون ها * الله پاڪ زمين کي نرم بڻايو، جيڪڏهن توهان کي ڪڏهن جبل تي چڙهڻ جو اتفاق ٿيو هجي ته اندازو ٿيندو ته جبل تي هلڻ ڪيترو مشڪل ٿيندو آهي، پير ٿڪجي پوندا آهن، پيرن جي تَرن ۾ درد ٿيڻ لڳندو آهي، قربان وڃجي! الله پاڪ زمين کي جبل وانگر سخت نه بڻايو بلڪه نرم رکيو آهي ته جيئن اسان ان تي آساني سان هلي ڦري سگهون * الله پاڪ هن زمين کي ماءُ وانگر بڻايو، ان ۾ پرورش جي صلاحيت رکي وئي آهي، اسان زمين ۾ هڪ ننڍڙو ٻج وجهندا آهيون ، زمين ان کي پنهنجي اندر وٺي ان کي پاليندي آهي، پنهنجي اندر مان ان کي خوراڪ ڏيندي آهي، پوءِ ان ننڍڙي ٻج مان وڏو وڻ بڻائي اسان کي ڏيندي آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: