Book Name:Jahan Hai Tere Liye
اٿيا ته ڏٺو ته ڪپڙن تي مڇر جو رت لڳل آهي، هاڻي پريشاني ٿيندي آهي ته ڇا ڪجي؟ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي دير کان پوءِ پتو پوندو آهي ته منهنجي ڪپڙن تي مڇر جو رت لڳل آهي، هاڻي پريشاني ٿيندي آهي ته مون جيڪي نمازون انهن ئي ڪپڙن ۾ ادا ڪري چڪو آهيان، انهن جو ڇا ٿيندو؟ ته ان سلسلي ۾ هي قاعدو پنهنجي ذهن ۾ ويهاري وٺو ته دَمِ سَائِل (يعني اهڙو رت جيڪو وهڻ جي صلاحيت رکي، اهو) ناپاڪ هوندو آهي.([1]) جڏهن ته مڇر ۾ جيڪو رت هوندو آهي، اهو وهڻ وارو ناهي، تنهنڪري مڇر جو رت ناپاڪ ناهي، جيڪڏهن ڪپڙن تي لڳي وڃي ته ان سان ڪپڙا به ناپاڪ نه ٿيندا ۽ انهن ڪپڙن ۾ نماز پڙهي ته نماز به ٿي ويندي. بهارِ شريعت ۾ آهي: مڇي ۽ پاڻي جي ٻين جانورن ۽ کٽمل ۽ مڇر جو رت پاڪ آهي.([2]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اسماءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
يَا شَھِيْدُ
جيڪو به صبح (يعني سج اڀرڻ کان اڳ) پنهنجي نافرمان ٻار يا ٻارڙي جي پيشاني تي هٿ رکي آسمان ڏانهن منهن ڪري 21 ڀيرا يَا شَھِيْدُ پڙهي،اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جو اهو ٻار يا ٻارڙي نيڪ بڻجندو.([3]) الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد