Jahan Hai Tere Liye

Book Name:Jahan Hai Tere Liye

اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ        ؕ  وَ الـصَّـلٰـوۃُ  وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی  خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ

اَمَّـا بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ  الـشَّـیۡـطٰنِ  الـرَّجِیۡمِ  ؕ   بِـسۡمِ  الـلّٰـہِ  الـرَّحۡـمٰنِ  الـرَّحِـیۡمِ         ؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                           اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                          اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي  فضيلت

   حضرت حذيفه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيڪي صحابيءِ رسول آهن، کين رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا رازدار به سڏيو ويندو آهي، پاڻ فرمائن ٿا: اَلصَّلَاۃُ عَلَی النَّبِيِّ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ سَلَّم تُدْرِكُ الرَّجْلَ وَوَلَدَهٗ وَوَلَدَ وَلَدِهِ  يعني رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود پاڪ (پڙهڻ اهڙو بابرڪت عمل آهي جو ان) جون برڪتون درود پڙهڻ واري کي به ملنديون آهن، پوءِ ان جي اولاد کي به ملنديون آهن ۽ ان جي اولاد جي اولاد (يعني پوٽن ۽ ڏوهٽن) تائين به پهچنديون آهن.([1])

   سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙيون عظيم برڪتون آهن...!! تقريباً دنيا ۾ هر والد کي پنهنجي اولاد جي فڪر ٿيندي آهي، سڀ چاهيندا آهن ته مون کان بعد منهنجي اولاد کي پريشاني نه ٿئي، ماڻهو جايون ٺاهيندا آهن، بئنڪ بيلنس ٺاهيندا آهن، ڏينهن رات محنت ڪري پيسا گڏ ڪندا آهن، ڇو؟ پنهنجي اولاد جي روشن مستقبل جي لاءِ...!! تمام سٺي ڳالهه آهي، پنهنجي اولاد جو فڪر ڪرڻ گهرجي پر پنهنجي محنتن ۾ هڪ محنت جو وڌيڪ اضافو ڪيو! جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن جي حفاظت چاهيون ٿا، اسان پنهنجي ٻارن جي


 

 



[1]...القول البديع، الباب الثانی فی ثواب علی الصلاۃ علی النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم،  صفحہ:136۔