Jahan Hai Tere Liye

Book Name:Jahan Hai Tere Liye

خوشحالي چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته اسان جي اولاد کي برڪت ملي، انهن کي فائدا حاصل ٿين ته ان جي لاءِ درود پاڪ پڙهڻ جي عادت بڻايون! اها بهترين وراثت آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي گهڻو درود شريف پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ان جي برڪت سان اسان جي، اسان جي ايندڙ نسلن جي حفاظت فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

خدا خود بھیجتا ہے اُن پر درود                                                                                             تم بھی بھیجا کرو درود شریف

گر پڑھیں صدق دل سے کافی ہے                                                                 جملہ حاجات کو درود شریف

پائیں گے چار پشت تک بَرَکت                                                                     دل سے بھیجیں گے جو درود شریف([1])

قَالَ اللهُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْقُرْآنِ الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو):

هُوَ الَّذِیْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًاۗ-ثُمَّ اسْتَوٰۤى اِلَى السَّمَآءِ فَسَوّٰىهُنَّ سَبْعَ سَمٰوٰتٍؕ-وَ هُوَ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمٌ۠(۲۹)

صَدَقَ اللهُ الْعَظِيْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

ترجمو ڪنزُ العرفان: اهو ئي آهي جنهن جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي سڀ توهان جي لاءِ بڻايو، پوءِ ان آسمان کي بڻائڻ جو ارادو ڪيو ته ٺيڪ ستَ آسمان بڻايائين ۽ اهو هر شيءِ جو خوب علم رکندو آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 1، سورت بقره، آيت: 29 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. الله پاڪ هن ڪائنات ۾ اسان انسانن کي جن نعمتن سان نوازيو آهي، اُن آيتِ ڪريمه ۾ اسان کي انهن نعمتن جو احساس ڏياريو ويو آهي ۽ گڏوگڏ هڪ تمام خوبصورت سبق به آهي جيڪو اسان کي هن آيتِ


 

 



[1]...نورِ ایمان، صفحہ:39 ملتقطًا۔