Jahan Hai Tere Liye

Book Name:Jahan Hai Tere Liye

* زمين جي خشڪ حصي جو تقريباً پنجون حصو جبلن تي مشتمل آهي * دنيا ۾ تقريباً 82٪ تازو، صاف شفاف ۽ مٺو پاڻي جبلن مان نڪرندو آهي * گهڻا معدنيات به انهن جبلن مان نڪرندا آهن * جبلن تي ڪيترن قسمن جون جڙيون ٻوٽيون لڌيون وينديون آهن، جيڪي علاج ۾ ڪم اينديون آهن * موسمي تبديلي ۾ هڪ وڏو ڪردار جبل به ادا ڪندا آهن. اهي سڀ فائدا ڪنهن لاءِ آهن؟ اسان لاءِ.

جنگلن جا فائدا

   الله پاڪ وڻ ٺاهيا، جنگلَ ڦٽايا، اهي به اسان جي فائدي لاءِ آهن * جنگلات مان اسان کي آڪسيجن ملندي آهي * فرنيچر ۽ گهڻن ئي ڪمن لاءِ ڪاٺ جنگلات مان حاصل ٿيندي آهي * ڪاغذ جنهن تي اڄ به تعليم و تعلم جو دارومدار آهي، انهيءَ ڪاغذ تي ڪتاب ڇپبا آهن، اسان پنهنجي روزمره جي ڪمن ۾ ڪيترن ئي طريقن سان ڪاغذ استعمال ڪندا آهيون، هي ڪاغذ به ڪاٺ مان ٺهندو آهي * اڄ به دوائن ۾ گهڻيون ئي جڙي ٻوٽيون استعمال ڪيون وينديون آهن، اهي جڙي ٻوٽيون به جنگلات مان ئي ملنديون آهن * بيريوزهه (Pine Gumکؤنر ۽ ڪيترن ئي قسمن جو مٽيريل به جنگلات مان ملندو آهي * ۽ هڪ اهم ڳالهه جنگلات جي موسم تي تمام گهڻا اثر آهن، اڄڪلهه ڪلائميٽ چينج (يعني موسمي تبديلي) جو وڏو مسئلو اسان کي درپيش آهي، توهان اندازو لڳائي رهيا هوندا، سردي ۽ گرمي جي اچڻ وڃڻ جو وقت تبديل ٿي رهيو آهي، اسان جي پاڪستان ۾ نومبر، ڊسمبر سخت سردي جا مهينا هئا پر هاڻي نومبر ۾ اڃا تائين ڪيترن ئي هنڌن تي پنکا هلندا آهن، ان موسمي تبديلي جا اسان جي صحت تي وڏا اثر پئجي رهيا آهن، مريضن جي تعداد ۾ نسبتاً اضافو ٿيو آهي، ان پوري تبديلي جو سبب ڇا آهي؟ وڻن جي گهٽتائي، جنگلات وڍي فيڪٽريون لڳايون پيون وڃن، جنهن جي سبب موسم اَڻ بيلنس ٿي رهي آهي. اهي جنگلات جا فائدا آهن ۽ اهي ڪنهن لاءِ آهن؟ اسان جي لاءِ.