Jahan Hai Tere Liye

Book Name:Jahan Hai Tere Liye

ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: بيشڪ اسين الله پاڪ کان حيا ڪندا آهيون. ارشاد فرمايائون: لَـيْسَ كَذٰلِكَ تَبْنُوْنَ مَالَا تَسْكُنُوْنَ وَتَجْمَعُوْنَ مَالَا تَاْكُلُوْنَ يعني ائين ناهي ڇو ته توهان اهڙا گهر ٺاهيندا آهيو جن ۾ رهي ناهيو سگهندا ۽ ايترو مال گڏ ڪندا آهيو جنهن کي کائي نٿا سگهو.([1])

جڏهن عاشقِ جون اکيون کليون

    هڪ شخص هو، اهو ڪنهن عورت جي عشق ۾ مبتلا ٿي ويو، هڪ دفعو اهو ان سان ملڻ ويو، ٻئي دريءَ ۾ بيٺي هڪ ٻئي سان ڳالهين ۾ مصروف ٿي ويا، گهڻي دير کان پوءِ انهن کي گهٽيءَ ۾ چهل پهل محسوس ٿي، اهو نوجوان سمجهيو ته شايد عشاء جي نماز جو وقت ٿي ويو آهي، ان ڪري ماڻهو نمازِ عشا لاءِ وڃي رهيا آهن، ڪجهه دير وڌيڪ گذري ته روشني پکڙجڻ شروع ٿي وئي، هاڻي کيس معلوم ٿيو ته ماڻهو نمازِ عشا لاءِ نه پر نمازِ فجر لاءِ وڃي رهيا هئا، ان نوجوان جي دل چوٽ کاڌي ته افسوس! مون هڪ عورت جي عشق ۾ سڄي رات گذاري ڇڏي ۽ مون کي وقت جو پتو ئي نه پيو...!! ڪاش! هي رات الله پاڪ جي محبت ۾، ان جي ياد ۾ گذاري هجي ها...!!

   بس دل ۾ هي نصيحت ڀريو، عبرت وارو، نيڪي وارو خيال اچڻ جي دير هئي، هن سچي دل سان توبه ڪئي ۽ نيڪ ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو.([2])

   پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي عشقِ مجازي جي آفت کان محفوظ فرمائي، اسان جي دل ۾ ڪنهن عورت جو عشق نه به هجي، تڏهن به اسين غور ڪريون؛ دنيا سَنواريندي سَنواريندي، دل ۾ دنيا جي لالچ کڻي، مال ۽ دولت جي چاهت ۾ ڪيترا منٽ، ڪيترا ڪلاڪ، ڪيترا ڏينهن ۽ ڪيترا سال اسان گذاري ڇڏيا! حالانڪه اسان کي دنيا لاءِ ناهي بڻايو ويو، مال و دولت گڏ ڪرڻ لاءِ ناهي بڻايو ويو، اسان کي ته عبادت لاءِ بڻايو ويو آهي، اسان ته ان لاءِ دنيا ۾ آيا آهيون ته دل ۾ الله پاڪ جي محبت وڌايون، ان جي محبت ۾ ٽمٽار ٿي ان جي حضور سر جهڪايون، ڪاش! اسان جا هي


 

 



[1]... احیا العلوم، کتاب الفقر والزہد، الشطر الثانی من الکتاب الزہد، بیان فضیلۃ الزہد، جلد:4، صفحہ:268-269۔

[2]...ہشت بہشت، اسرار الاولیاء، صفحہ:10۔