Book Name:Jahan Hai Tere Liye
نه...!! ڪائنات جي ذري ذري ۾ نفع بخشي(يعني فائدو پهچائڻ) جو جيڪو پهلو موجود آهي، اهو ٻڌائي رهيو آهي ته ڪائنات ڪنهن حادثي جو نتيجو نه بلڪه ڪنهن هستي جو شاهڪار آهي ۽ اها هستي ڪهڙي آهي؟
وَ هُوَ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمٌ۠(۲۹)(سيپارو: 1، البقرة: 29)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اهو هر شيءِ جو خوب علم رکي ٿو.
جنهن هي ڪائنات بڻائي آهي، اهو خدا واحد هر شيءِ جو خوب علم رکڻ وارو آهي، تڏهن ته هتي جي هر شيءِ ۾ فائدا ئي فائدا رکيا ويا آهن.
هڪ تمام خوبصورت ڳالهه آهي، قرآن ڪريم جڏهن هن ڪائنات جي راز کي کوليو (Discover ڪيو) ته ان ۾ هڪ وڏي پهلوءَ طرف اسان جي توجهه ڏياري آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
وَ مَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ مَا بَیْنَهُمَاۤ اِلَّا بِالْحَقِّؕ-(سيپارو: 14، الحجر: 85)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اسان آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو ڪجھ انهن جي درميان آهي سڀ حق ساڻ بڻايو
هر شيءِ کي حق سان پيدا ڪيو ويو آهي. حق جي معنيٰ آهي: ڪنهن شيءِ جي جڏهن ضرورت هجي، جيتري مقدار ۾ ضرورت هجي، جنهن حساب سان ضرورت هجي، اها شيءِ ساڳئي طرح ملي.([1]) مطلب ته ڪائنات ۾ هر شيءِ هڪ اندازي مطابق آهي، جيتري ضرورت هئي، جنهن جنهن وقت ضرورت هئي، جنهن جنهن حساب سان ضرورت هئي، هر شيءِ انهيءَ حساب سان موجود آهي. مان ان جو هڪ سادو مثال پيش ڪريان ٿو: سائنسدان اڄڪلهه زمين کان سواءِ ڪو ٻيو سيارو (Planet) ڳولي رهيا آهن جتي وڃي زندگي گذاري سگهجي، انهيءَ سلسلي ۾ چنڊ کي پنهنجو مسڪن (رهائشي مقام)