Jahan Hai Tere Liye

Book Name:Jahan Hai Tere Liye

   تَبَتَّلْ جو مطلب آهي: دل مان دنيا کي ڪڍي ڦٽي ڪرڻ.([1]) ڄڻ فرمايو پيو وڃي ته دل مان دنيا کي ڪڍي ڦٽي ڪريو ۽ صرف ۽ صرف الله پاڪ جا ٿي وڃو!

الله پاڪ جو پيارو بڻائيندڙ عمل

   حديث پاڪ ۾ آهي: اِزْهَدْ فِي الدُّنْيَا يُحِبَّكَ اللَّهُ  يعني جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته الله پاڪ توهان سان محبت فرمائي ته دنيا کان بي رغبتي اختيار ڪريو.([2])

ڏاچين تي نظر نه فرمايائون...!!

   هڪ دفعي اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان سان گڏ ڪٿان گذري رهيا هئا، رستي ۾ هڪ جاءِ تي حامله ڏاچيون نظر آيون، حامله ڏاچي اهلِ عرب جي ويجهو تمام قيمتي ۽ پسنديده سمجهي ويندي هئي، جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  انهن ڏاچين وٽان گذريا ته پنهنجي مبارڪ نظر ڦيرائي ورتي. صحابهءِ ڪرام عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! هي اسان جو سڀ کان عمده مال آهي، توهان ان طرف نظر ڇو نٿا فرمايو؟ فرمايائون: قَدْ نَهَي اللهُ عَنْ ذٰلِكَ     يعني الله پاڪ ان کان منع فرمايو آهي. پوءِ پاڻ ڪريم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي آيت تلاوت فرمائي:([3])

وَ لَا تَمُدَّنَّ عَیْنَیْكَ اِلٰى مَا مَتَّعْنَا بِهٖۤ اَزْوَاجًا مِّنْهُمْ زَهْرَةَ الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا ﳔ لِنَفْتِنَهُمْ فِیْهِؕ-وَ رِزْقُ رَبِّكَ خَیْرٌ وَّ اَبْقٰى(۱۳۱)(سيپارو: 16، طٰهٰ: 131)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اي ٻڌندڙ! اسان مخلوق جي مختلف ٽولن کي دنيا جي زندگي جي جيڪا تازگي فائدو کڻڻ جي لاءِ ڏني آهي ته جيئن اسان انهن کي ان بابت آزمايون پوءِ تون ان جي طرف پنهنجون اکيون نه ڦهلاءِ ۽ پنهنجي رب جو رزق سڀ کان سٺو ۽ سڀ کان وڌيڪ باقي رهڻ وارو آهي.


 

 



[1]... روح البیان، پارہ:29، سورۂ مزمل، زیر آیت:8، جلد:10، صفحہ:213۔

[2]... ابن ماجہ، کتاب الزہد، باب الزہد فی الدنیا، صفحہ:667، حدیث:4102۔

[3]... احیا العلوم، کتاب الفقر والزہد، الشطر الثانی من الکتاب الزہد، بیان فضیلۃ الزہد، جلد:4، صفحہ:269-270۔