Book Name:Jahan Hai Tere Liye
طور تي سياري جا لحاف مثلاً سويٽر، جرسي، جيڪي چمڙي مان ٺاهيا ويندا آهن، اهي به جانورن مان ملندا آهن، انهن جانورن جا ٻيا ڪهڙا فائدا آهن؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ تَحْمِلُ اَثْقَالَكُمْ اِلٰى بَلَدٍ لَّمْ تَكُوْنُوْا بٰلِغِیْهِ اِلَّا بِشِقِّ الْاَنْفُسِؕ-اِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِیْمٌۙ(۷) وَّ الْخَیْلَ وَ الْبِغَالَ وَ الْحَمِیْرَ لِتَرْكَبُوْهَا وَ زِیْنَةًؕ-وَ یَخْلُقُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ(۸)(سيپارو: 14، النحل: 5_8)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ ان چوپايا پيدا ڪيا ان ۾ توهان جي لاءِ گرم پوشاڪ ۽ ٻيا کوڙ نفعا آهن ۽ انهن مان توهان (کاڌو) به کائو ٿا ۽ توهان جي لاءِ انهن ۾ سينگار آهي جڏهن توهان انهن کي شام جو واپس آڻيو ٿا ۽ جڏهن چرڻ جي لاءِ ڇڏيو ٿا ۽ اهي جانور توهان جو بار کڻي اهڙي شهر تائين ويندا آهن جنهن تائين توهان پهچي نه سگهو پر سخت تڪليف سان، بيشڪ توهان جو رب نهايت مهربان رحم وارو آهي. ۽ (ان) گهوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ (پيدا) ڪيا ته جيئن توهان انهن تي سواري ڪيو ۽ هي توهان جي لاءِ سينگار آهي ۽ (اڃان وڌيڪ) اهڙيون شيون پيدا ڪندو جنهن جي توهان کي خبر نه آهي.
اهڙي طرح جبلن کي ڏسو! اهي بلند، ڪٿي سائي، ڪٿي برف سان ڍڪيل اڇا ۽ ٻين گهڻن خوبصورت رنگن جا جبل...!! انهن کي زمين جون ميخون فرمايو ويو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اَلْقَیْنَا فِیْهَا رَوَاسِیَ(سيپارو: 14، الحجر: 19)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اسان هن ۾ جبل کوڙي ڇڏيا
روايتن ۾ آهي: جڏهن زمين کي پيدا ڪيو ويو ته اها لرزي رهي هئي، ان تي بيهڻ ناممڪن هو، پوءِ الله پاڪ ان تي جبل پيدا فرمايا، جنهن سان زمين رڪجي وئي.([1]) ان ڪري جبلن کي زمين جون ميخون چيو ويندو آهي