Book Name:Jahan Hai Tere Liye
بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر معلوم ٿيو ته اتي درجهءِ حرارت (Temperature) وڌيڪ آهي، تهنڪري اُتي زندگي گذارڻ تمام مشڪل آهي، پوءِ مريخ بابت تحقيقون شروع ٿيون، معلوم ٿيو ته اتي درجهءِ حرارت گهٽ آهي، تنهنڪري زمين جي نسبت اتي به زندگي گذارڻ مشڪل آهي. زمين هڪ اهڙو سيارو آهي جيڪو سج کان بلڪل صحيح فاصلي تي آهي، نه هتي تمام گهڻي ٿڌ آهي، نه تمام گهڻي گرمي آهي، لهٰذا هتي اسان آساني سان زندگي گذاري سگهون ٿا.
سُبْحٰنَ الله! هاڻي ٿورو غور فرمايو! اهو ڪير آهي جنهن زمين کي اهڙيءَ طرح بلڪل صحيح فاصلي تي رکيو آهي؟ ان جو درجهءِ حرارت بلڪل اهڙو موزون رکيو جو اسان هتي باآساني زندگي گذاري سگهون ٿا؟ ڇا اهو ڪو حادثو آهي؟ نه...!! نه. اها ان خدا بزرگ جي تخليق آهي جيڪو هر شيءِ جو خوب علم رکي ٿو ۽ ان هي زمين بڻائي آهي، ڪنهن لاءِ؟ اسان جي فائدي لاءِ.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
هُوَ الَّذِیْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًاۗ-(سيپارو: 1، البقرة: 29)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اهو ئي آهي جنهن جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي سڀ توهان جي لاءِ بڻايو.
اها سڄي ڪائنات اسان جي فائدي لاءِ بڻائي وئي، ان جي ڪجھ پهلوئن تي اسان غور ڪيو، هاڻي هن آيتِ ڪريمه تي هڪ ٻئي پهلوءَ کان غور فرمايو! اها زمين، آسمان، چنڊ، سج، تارا، اهي هوائون، اهي فضائون، اهي بادل، اها بارش، اهي جنگلات، اهي واديون، وڏا وڏا جبل، وهندڙ چشما، پکين جا آواز، هي سڀ ڪجهه اسان لاءِ آهي، هاڻي ٿورو اهو به ته غور فرمايو! اسان ڪنهن جي لاءِ آهيون؟ الله پاڪ فرمائي ٿو: