Book Name:Jahan Hai Tere Liye
فرمايو: عَرَفْتَ فَالْزَمْ عَبْدٌ نَـوَّرَ اللہُ قَلْبَهٗ بِالْاِيْمَانِ يعني تون معرفت حاصل ڪري چڪو آهين هاڻي ان تي ثابت قدم رهو، تون اهڙو ٻانهو آهين جنهن جي دل کي الله پاڪ نورِ ايمان سان روشن فرمائي ڇڏيو آهي.([1])
الله پاڪ اسان کي به زهد و تقوٰي جي اهڙي دولت نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمنٽ هڪ موبائيل ايپلي ڪيشن به جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعده (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن حرف يا جنهن لفظ تي ڪِلڪ ڪندا، آڊيو ۾ ان جو تلفظ هلندو، ايئن هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آساني سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هي ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: گَنجيءَ يا ڪپڙن تي مڇر جو رت لڳل هجي ته انهن ڪپڙن ۾ نماز ٿي ويندي آهي.
وضاحت: هي هڪ اهم مسئلو آهي، معلومات جي گهٽتائي سبب ڪڏهن ڪڏهن ان سلسلي ۾ پريشاني به ٿيندي آهي، مثال طور صبح جو ننڊ مان