Book Name:Jahan Hai Tere Liye
وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶)(سيپارو: 27، الذٰريٰت: 56)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ مون جن ۽ انسان ان لاءِ پيدا ڪيا ته منهنجي عبادت ڪن.
اللهُ اَڪبَر! ڄڻ فرمايو پيو وڃي: اي انسان! هي زمين، هي آسمان، هي هوائون، هي ڪهڪشائون، سڀ ڪجهه تنهنجي لاءِ پر تون اسان لاءِ...!! ڊاڪٽر اقبال چيو هو:
نہ تُو زمیں کے لئے ہے نہ آسماں کے لئے
جہاں ہے تیرے لئے، تُو نہیں جہاں کے لئے
ان کان اڳيان تمام پياري ڳالهه چئي:
مقامِ پرورشِ آہ و نالہ ہے یہ چمن
نہ سیرِ گل کے لئے ہے نہ آشیاں کے لئے([1])
وضاحت: آه و ناله جو مطلب: عشق. يعني اسان هن دنيا ۾ سير و تفريح لاءِ نه آيا آهيون، هتي گهر، ڪوٺيون، بنگلا بڻائڻ لاءِ نه آيا آهيون بلڪه اها دنيا مقامِ پرورشِ آه و ناله آهي يعني اسان هتي ان لاءِ آهيون ته پنهنجي دل ۾ الله پاڪ جي محبت کي وڌايون، ڏينهون ڏينهن ان محبت ۾ اضافو ئي ڪندا وڃون. هن ڪم لاءِ اسان هن دنيا ۾ آيا آهيون.
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ وَ تَبَتَّلْ اِلَیْهِ تَبْتِیْلًاؕ(۸)(سيپارو: 29، المزمل: 8)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ پنهنجي رب جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني کان جدا ٿي فقط انهيءَ جو ٿي رھ.