Jahan Hai Tere Liye

Book Name:Jahan Hai Tere Liye

شهتوت جي پن ۾ جيتريون صلاحيتون رکيون آهن، ان جو فائدو ڪنهن کي پهچندو؟ ان مان ريشم بڻجندو آهي، ڇا ان کي ريشم جو ڪيڙو استعمال ڪندو آهي؟ نه...!! اسان استعمال ڪندا آهيون * ان کي هرڻ کائي ته ان مان مشڪ بڻجندو آهي، ان مشڪ کي هرڻ استعمال ڪندو آهي؟ نه...!! اسان استعمال ڪندا آهيون * ان کي ٻڪري کائي ته کير بڻجندو آهي، هي کير ڇا ٻڪري پاڻ پي وٺندي آهي؟ نه...!! اسان پيئندا آهيون. هي صرف شهتوت جي پن جي ڳالهه نه آهي، هر وڻ ۾ اهڙيون هزارين خصوصيتون رکيون ويون آهن، هي سڀ ڪجهه ڪنهن لاءِ...؟ اسان جي فائدي لاءِ.

فلسفی کی عقل چکر کھائے صدہا سال تک              کب تری حکمت سے ہو آگاہ رَبُّ العالمین!([1])

انڌي عقل وارا انڌا

   هن دنيا ۾ هڪ طبقو پاتو ويندو آهي، جن کي مُلحِد (Atheist) چوندا آهن. انهن ماڻهن جو اِهو مڃڻ هو ته هن دنيا جو ڪو به خدا ناهي، هي دنيا خود ئي بڻي، خود ئي هلي رهي آهي. جيستائين سائنس ترقي نه ڪئي هئي، اهي ماڻهو اهو ئي نظريو رکندا هئا پر جڏهن سائنس ترقي ڪئي، سوين ڪهڪشائون دريافت ٿيون، ڪائنات جي وسعت سامهون آئي ته انهن کي به مڃڻو پيو ته ايڏي وڏي ڪائنات پاڻمرادو بغير ڪنهن بڻائڻ واري جي بڻجي وڃي، اهو ممڪن ناهي. تنهنڪري انهن پنهنجي نظريي ۾ ٿوري تبديلي ڪئي، هڪ وڏو ملحد هو، ان ڪتاب لکيو: The Blind Watch Maker (انڌو گهڙي ساز)، گهڙي مان ان جي مراد ڪائنات آهي. يعني هاڻي انهن اهو نظريو بڻائي ڇڏيو ته ڪائنات کي بڻائيندڙ ته آهي پر اهو ڪو حيات و قيوم هستي ناهي بلڪه ڪجهه اصول و ضوابط آهن، جن جي سبب ڪائنات بڻجي وئي ۽ هلندي پئي وڃي.

لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ! ڪيڏا انڌا آهن...!! ڀلا جيڪو خود بلائنڊ (يعني انڌو) آهي، ان ڏسڻ وارا، عقل و شعور رکڻ وارا انسان ڪيئن بڻائي ڇڏيا...!! نه!


 

 



[1]...نورِ ایمان، صفحہ:47۔