Jahan Hai Tere Liye

Book Name:Jahan Hai Tere Liye

امام شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ مختصر مناظرو

   هڪ ڀيرو امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ ڪجهه ڪافر اچي ويا، انهن امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان سوال ڪيو: ٻڌايو! خدا جي وجود جي ڇا دليل آهي؟ (شايد امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان وقت شهتوت جي وڻ جي ويجهو ويٺا هئا، ان ڪري) فرمايو: هي شهتوت جو وڻ ئي منهنجي قادر و قيوم الله پاڪ جي وجود جي دليل آهي. ڪافرن چيو: اهو ڪيئن؟ فرمايائون: ڏسو! هن شهتوت جو پَن جيڪڏهن هرڻ کائي ته اهو مشڪ بڻجي ويندو آهي، ساڳئي پن کي جيڪڏهن ٻڪري کائي ته کير بڻجندو آهي ۽ ساڳئي پن کي جيڪڏهن ريشم جو ڪيڙو کائي ته ان مان ريشم بڻجي ويندو آهي فَمَنِ الَّذِيْ جَعَلَ هٰذِهِ الْاَشْيَاءَ كَذَالِكَ مَعَ اَنَّ الطَّبْعَ وَاحِدٌ ته اهو ڪير آهي؟ جيڪو هڪ ئي پن کي ايتريون شڪليون عطا فرمائي ڇڏيندو آهي، حالانڪه پن هڪ، ان جي طبيعت هڪ، مٽيريل هڪ، بس کائڻ وارا جانور بدلبا وڃن ته ان پن مان تيار ٿيندڙ شيءِ بدلجندي ويندي آهي. بس اها ذات جيڪا هڪ پن کي ڪڏهن مشڪ، ڪڏهن کير ۽ ڪڏهن ريشم بڻائيندي آهي، انهيءَ کي خدا چوندا آهن، هي خوبصورت دليل ٻڌي اهي ڪافرَ فوراً ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.([1])

کوئی تو ہے جو نظامِ ہستی چلا رہا ہے، وہی خدا ہے

دکھائی بھی جو نہ دے، نظر بھی جو آرہا ہے، وہی خدا ہے

سفید اُس کا، سیاہ اُس کا، نفس نفس ہے گواہ اُس کا

جو شعلۂ جاں کو جلا رہا ہے، بجھا رہا ہے، وہی خُدا ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شهتوت جي پن کي خدا جي وجود جي دليل بڻايو پر ان واقعي تي هڪ ٻئي پاسي کان غور فرمايو! الله پاڪ


 

 



[1]...تفسیر کبیر، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:21-22، جلد:1، صفحہ:333۔