Book Name:Jahan Hai Tere Liye
سُبْحٰنَ الله! هي اسان جي آقا، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سيرت آهي...!! سندن دل ۾ دنيا جي محبت هجي، ائين ته ٿي ئي نٿو سگهي. پاڻ الله جا محبوب آهن، ان سان گڏ، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ظاهري طور تي به زهد اختيار فرمائيندا يعني دنيا ۽ هتان جي مال وغيره تي نظر نه فرمائيندا هئا.
بهار جي موسم هئي، حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهَا اڪيليون هيون، خادمه عرض ڪيو: ٻاهر اچي فطرت جي رنگيني جو نظارو ڪريو، ڏسو الله پاڪ ڪائنات کي ڪيڏو حسين بڻايو آهي. فرمايائون: منهنجو مقصد صنعت (يعني مخلوق) کي ڏسڻ نه پر صانع (خالق يعني بڻائڻ واري) جو نظارو ڪرڻ آهي، تون به اڪيلائي ۾ اچ ۽ صانع جو مشاهدو ڪري وٺ!([1]) (يعني پوري توجھ سان الله پاڪ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مصروف ٿي وڃ ۽ دل تي ان جي تجلين جو نظارو ڪر...!!)
سُبْحٰنَ الله! هي محبت وارن جون ادائون آهن، جن جي دل ۾ الله پاڪ جي محبت گَهر ڪري ويندي آهي، اهي دنيا کي ڏسڻ به گوارا ناهن ڪندا...!! ڪاش! اسان کي به اهڙي محبت نصيب ٿي وڃي...!! اهو رب ڪريم جنهن سڀ ڪجهه اسان جي فائدن لاءِ پيدا فرمايو، ڪاش! اسان ان رب رحمٰن ۽ رحيم جو شڪر ادا ڪريون، دل ۾ ان جي ياد وَسايون، ان جي محبت سان سرشار ٿي ان جي حضور سر جهڪائڻ وارا بڻجي وڃون.
اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِسْتَحْيُوْا مِنَ اللهِ حَقَّ الْحَيَآء يعني الله پاڪ کان حيا ڪريو جيئن حيا ڪرڻ جو حق آهي. صحابهءِ