Jahan Hai Tere Liye

Book Name:Jahan Hai Tere Liye

وَ اَنْۢبَتْنَا فِیْهَا مِنْ كُلِّ شَیْءٍ مَّوْزُوْنٍ(۱۹) (سيپارو: 14، الحجر: 19)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ (اسان) ان ۾ هر شيءِ اندازي سان ڄمائي آهي.

* پوءِ هن زمين ۾ هزارين قِسمن جون معدنيات به رکيون ويون آهن، جن مان اسان فائدو کڻندا آهيون* سُئي گيئس ڪيتري وڏي سهولت آهي، اها اسان کي زمين مان ملندي آهي * پيٽرول ڪيتري وڏي نعمت آهي، زمين مان ملندي آهي * اهڙي طرح ٻيون به گهڻيون نعمتون مثلاً لوڻ، سون، ٽامو، لوهه، چونو، جپسم(Calcium Carbonate)، ڪوئلو وغيره، اهي سڀ معدنيات اسان کي زمين مان ئي ملنديون آهن ۽ اهي فائدو ڪنهن کي پهچائينديون آهن؟ اسان انسانن کي پهچائينديون آهن.

جانورن جا فائدا

   اهڙي طرح الله پاڪ جانور پيدا فرمايا، اهي به اسان جي فائدي لاءِ آهن* ڳوٺن ۾ عام طور تي اهو منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي، 5، 10 يا 15، 20 ڳئون، مينهون هونديون آهن ۽ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو هڪ لٺ کڻي، انهن ڳَئُن، مينهن کي هاڪاري وڃي رهيو هوندو آهي، توهان اندازو ڪري سگهو ٿا...!! عيدالاضحيٰ جي موقعي تي هڪ ڳئون کي قابو ڪرڻ لاءِ 10، 12 ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، پوءِ به ڳئون ڪڏهن ڪڏهن قابو ۾ نه ايندي آهي، ايتري طاقتور هوندي آهي پر ڪهڙو ڪمال آهي، هڪ نه، ڪيتريون ئي ڳئون مينهون هڪ ئي نوجوان هاڪاري وڃي رهيو هوندو آهي، اها تسخير آهي يعني الله پاڪ اهي جانور اسان جي قابو ۾ ڏئي ڇڏيا آهن، اها ڪيتري وڏي نعمت آهي * پوءِ انهن جانورن مان اسان کي هزارين قِسمن جا فائدا ملندا آهن * گوشت ۽ ان ذريعي پروٽين، توانائي، گوشت جا سوين قسمن جا طبي فائدا جانورن ذريعي ملندا آهن * کير، ڏهي، مکڻ، پنير وغيره سڀ ڊيري پراڊڪٽس جانورن جي ڪري آهن * پوءِ اسان جا جوتا، گهڻا لباس خاص