Book Name:Jahan Hai Tere Liye
ڏينهن، هي مهينا، هي سال الله پاڪ جي محبت ۾ گذرن ها ته اڄ اسان ڇا کان ڇا ٿي ويا هجون ها...!!
حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن شخص هن حال ۾ صبح ڪئي ته ان جو مقصد صرف دنيا جو حصول هجي ته الله پاڪ ان جي معاملن کي منتشر فرمائيندو آهي، ان جي مال و اسباب کي بي ترتيب فرمائي ان کي فَقر ۾ مبتلا فرمائي ڇڏيندو آهي ۽ ان کي دنيا ۾ ايترو ئي حصو ملندو آهي جيترو ان جي نصيب ۾ آهي ۽ جنهن شخص هن حال ۾ صبح ڪئي ته ان جو مقصد آخرت هجي ته الله پاڪ ان جي ارادن کي مضبوط فرمائي ڇڏيندو آهي، ان جي مال و اسباب جي حفاظت فرمائيندو آهي، ان جي دل ۾ دنيا کان بي نيازي پيدا فرمائي ڇڏيندو آهي ۽ دنيا ان وٽ ذليل ٿي ڪري ايندي آهي.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلام جو خلاصو هي آهي ته الله پاڪ سڀ ڪجهه اسان لاءِ، اسان جي فائدن لاءِ بڻايو، هي زمين، آسمان، چنڊ، سج، تارا، سڀ ڪجهه ڏينهن رات اسان جي خدمت ۾ مصروف آهن پر اسان کي هن جهان لاءِ پيدا ناهي ڪيو ويو پر سڀ ڪجهه اسان لاءِ آهي ۽ اسان خدا لاءِ يعني ان جي عبادت لاءِ آهيون. تنهنڪري دل ۾ الله پاڪ جي محبت وڌائڻ جي ڪوشش ڪريو! ان جي عبادت ۾ دل لڳايو، دل مان دنيا جي محبت ڪڍي، صرف و صرف الله ۽ رسول سان محبت ڪرڻ وارا بڻجي وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. هڪ دفعو حضرت حارثه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بارگاهه رسالت ۾ عرض ڪيو: مان سچو مومن آهيان. ان تي رحمَتِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: وَمَا حَقِيْقَةُ ذَلِكَ يعني تنهنجي ايمان جي حقيقت ڇا آهي؟ عرض گذار ٿيا: مون دنيا کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ورتي آهي ۽ منهنجي ويجهو پٿر ۽ سون برابر آهن ۽ هاڻي منهنجي حالت هي آهي ته ڄڻ جنت و دوزخ ۽ عرشِ الٰهي منهنجي سامهون آهن. پياري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد