Quran ke Sath Hamara Taluq

Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq

(1): حق چوڻ ۾ شرم ۽ لڄ نه ڪرڻ گهرجي!

 پهرين ڳالهه ته هي سکڻ لاءِ ملي ته علمِ دين سکڻ، ٻين کي سيکارڻ ۾ اسان کي لڄ نه ڪرڻ گهرجي. ڏسو! الله پاڪ فرمايو:

اِنَّ اللّٰهَ لَا یَسْتَحْیٖۤ اَنْ یَّضْرِبَ مَثَلًا مَّا بَعُوْضَةً فَمَا فَوْقَهَاؕ-

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ الله انهن کان حيا ناهي فرمائيندو. جو مثال سمجهائڻ خاطر ڪهڙي به شيءِ جو ذڪر فرمائي، مڇر هجي يا ان کان وڌيڪ

مثال بيان ڪرڻ علم جي ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ئي آهي ۽ اسان جو رَبُّ ڪريم ان کان حيا نٿو فرمائي. جيتوڻيڪ حياء جي معنيٰ اسان جي حق ۾ ڪجهه ٻي آهي، الله پاڪ جي حق ۾ ڪجهه ٻي آهي، بهرحال هي وصف ته اهو آهي جو اسان کي به اپنائڻ گهرجي، علمِ دين سکڻ جي ڳالهه هجي، حق ڳالهه سمجهڻ جو معاملو هجي يا ٻين کي سمجهائڻ جو معاملو هجي، ان ۾ هرگز شرم ججهڪ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. * ڪيترائي اهڙا ديني مسئلا آهن جيڪي حيا وارا آهن، اهي مسئلا سکڻ، ٻڌائڻ ۾ جِجَھڪ محسوس ٿيندي آهي پر سڀ کان وڌيڪ حيادار آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اهي مسئلا صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان کي سيکاريا، صحابهءِ ڪرام سکيا. * ڪي اهڙا مسئلا آهن جيڪي بيان ڪرڻ کان پهريان رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم باقاعده بيان فرمائيندا هئا:  اِنَّ اللہَ لَا یَسْتَحْیٖ مِنَ الْحَقِّ   بيشڪ الله پاڪ حق بيان ڪرڻ کان حيا ناهي فرمائيندو (لهٰذا مان به توهان کي هي ديني مسئلو ٻڌائي رهيو آهيان) ([1]) * هڪ دفعو هڪ صحابيه رَضِیَ اللهُ عَنْہا جن کي غسل بابت هڪ مسئلو پڇڻو هو، جيئن ته بارگاهه رسالت ۾ حاضر ٿيون ۽ عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ حق ڳالهه کان حيا


 

 



[1]...مصنف ابن ابی شیبۃ، کتاب النکاح، باب ما جاء فی اتیان النساء...الخ، جلد:3، صفحہ:364، حدیث:9۔