Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
و حديث جي خلاف آهي، اسان ان کي هرگز قبول نٿا ڪري سگهون ڇوته اسان جو امام سائنس ناهي، اسان جو امام فلسفو ناهي، اسان جو امام ڪا ريسرچ ناهي بلڪه اسان جو امام رَبَّ ڪريم جو پاڪيزه ڪلام قرآنِ ڪريم آهي. صحابيءِ رسول، حضرت عبد الله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہما فرمائن ٿا: اِنَّ الْقُرْآنَ شَافِعٌ وَّمُشَفَّع قرآنِ ڪريم شفاعت ڪرڻ وارو آهي ۽ ان جي شفاعت قبول به ڪئي ويندي فَمَنْ جَعَلَہٗ اَمَامَہٗ قَادَّہٗ اِلَی الْجَنَّۃِ جيڪو قرآنِ ڪريم کي پنهنجو امام ۽ پيشوا بڻائي وٺندو، قرآنِ ڪريم ان کي جنت ۾ وٺي ويندو وَ مَنْ جَعَلَہٗ خَلْفَہٗ سَاقَّہٗ اِلَی النَّار ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم کي پُٺي ڏيندو، قرآنِ ڪريم ان کي جهنم ۾ ڌڪي ڇڏيندو. ([1])
لهٰذا قرآنِ ڪريم تي ايمان آڻڻ جو هي تقاضا آهي ته اسين پنهنجي زندگي جي هر شعبي ۾، هر مسئلي ۾ ۽ هر مرحلي تي قرآنِ ڪريم کي پنهنجو امام ۽ پيشوا بڻايون.
گَرْ تُو مِی خَواہِی مُسَلْمَاں زِیْسْتَنْ نَیْسْت مُمْکِنْ جُزْ بَہ قُرْآں زِیْسْتَنْ
ترجمو: جيڪڏهن تون مسلمان بڻجي جيئڻ چاهين ٿو، ته قرآن کان سواءِ اهو هرگز ممڪن ناهي.
”وليد بن يزيد“ جي گستاخي ۽ انجام
خلافتِ بنو اميه جو هڪ بادشاهه ٿيو آهي: وليد بن يزيد. انتهائي سرڪش ۽ بي باڪ هو. حديثِ پاڪ ۾ ارشاد ٿيو ته منهنجي امت ۾ وليد نالي هڪ شخص هوندو جيڪو فرعون کان به وڌيڪ سرڪش هوندو. عالمن سڳورن