Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
ڏسو! جڏهن الله پاڪ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي خلافت جو اعلان فرمايو ته فرشتن به هڪ سوال ڪيو هو، انهن چيو:
اَتَجْعَلُ فِیْهَا مَنْ یُّفْسِدُ فِیْهَا وَ یَسْفِكُ الدِّمَآءَۚ-وَ نَحْنُ نُسَبِّحُ بِحَمْدِكَ وَ نُقَدِّسُ لَكَؕ-
(سيپارو: 1، البقرة: 30)
ترجموڪنزُ العرفان: ڇا تون زمين ۾ ان کي نائب بڻائيندين جيڪو ان ۾ فساد پکيڙيندو ۽ رت وهائيندو حالانڪه اسان تنهنجي حمد ڪندا تنهنجي تسبيح ڪندا آهيون ۽ تنهنجي پاڪائي بيان ڪندا آهيون.
هي فرشتن جو سوال هو، اهي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي خلافت جي حڪمت ڄاڻڻ چاهيندا هئا، لهٰذا انهن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ سوال ڪيو.بالڪل اهو ئي معاملو شيطان سان به هو، حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي خليفو بڻائڻ ۾ ڇا حڪمت آهي؟ هي ڳالهه شيطان به نه سمجهي سگهيو هو پر هن بدبخت سوال نه ڪيو بلڪه اعتراض اٿاريو، هي چيو:
ءَاَسْجُدُ لِمَنْ خَلَقْتَ طِیْنًاۚ(۶۱)(سيپارو: 15، بني اسرائيل: 61)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڇا مان ان کي سجدو ڪيان جنهن کي تو مٽيءَ مان بڻايو؟
هاڻي اهي ٻئي پهلو اسان جي سامهون آهن، فرشتن سوال ڪيو، الله پاڪ انهن بابت فرمايو:
بَلْ عِبَادٌ مُّكْرَمُوْنَۙ(۲۶)(سيپارو: 17، الانبياء: 26)
ترجمو ڪنزُالعرفان: بلڪه (ملائڪَ) عزت وارا ٻانها آهن.
شيطان سوال نه ڪيو بلڪه اعتراض ڪيو ته هي هميشه لاءِ مردود ٿي ويو، الله پاڪ ان بابت فرمايو:
فَاخْرُ جْ مِنْهَا فَاِنَّكَ رَجِیْمٌۚۖ(۷۷)وَّ اِنَّ عَلَیْكَ لَعْنَتِیْۤ اِلٰى یَوْمِ الدِّیْنِ(۷۸)(سيپارو: 23، ص، 77_78)
ترجموڪنزُالعرفان: الله پاڪ فرمايو: ته جنّت مان نڪري وڃ جو بيشڪ تون تڙيل آهين ۽ بيشڪ قيامت تائين توتي منهنجي لعنت آهي.