Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
ناهي فرمائيندو، (لهٰذا مان به هي مسئلو پڇڻ حاضر ٿي آهيان) ([1]) * هڪ ڏينهن حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جن وضو ٽٽڻ بابت ديني مسئلو بيان فرمايو، هي مسئلو شرم ۽ لڄ وارو هو، جيئن ته پاڻ مسئلو بيان ڪرڻ کان پوءِ فرمايائون: جيڪا ڳالهه بيان فرمائڻ ۾ رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حيا نه فرمايو، بيشڪ مان به ان جي بيان ۾ حيا نٿو ڪريان. ([2])
مطلب ته اهڙا ديني مسئلا بيان ڪرڻ بي حيائي ناهي بلڪه حيا آهي. جيڪڏهن هي بي حيائي هجي ها ته پيارا آقا، دوعالم جا داتا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي مسئلا هرگز بيان نه فرمائين ها.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي اسان لاءِ درس آهي. غسل بابت مسئلا، وضو بابت مسئلا، اهڙي طرح نڪاح ۽ طلاق وغيره بابت ديني مسئلا آهن جن کان ماڻهو ناواقف هوندا آهن ۽ شرم ۽ لڄ جي ڪري انهن مسئلن کي سکندا به ناهن. هي تمام غلط ڳالهه بلڪه ڪيترن ئي گناهن جو سبب به آهي. مثلاً اوهان شرم جي ڪري غسل جا مسئلا ڪنهن کان نه پڇيا، نه ڪتاب پڙهيو انهن کي درست طريقي سان سمجهيو آهي ته عين ممڪن آهي ته اوهان درست طريقي سان غسل نه ڪري سگهو، جڏهن درست طريقي سان غسل نه ٿيندو ته طهارت نه ٿيندي، طهارت نه ٿي ته نماز به نه ٿيندي، مسجد ۾ اچڻ جي به اجازت نه هوندي، قرآنِ ڪريم کي هٿ لائڻ جي به اجازت نه هوندي. ائين اوهان ڪيترين ئي نيڪين کان محروم به رهجي ويندؤ ۽ ڪيئي صورتن ۾ گناهه به ٿيندو. ان ڪري اسان کي گهرجي ته ديني مسئلا سکڻ ۾ هرگز شرم ۽ لڄ جو شڪار نه ٿيون، ها! اهڙا پوشيده مسئلا علماءِ ڪرام کان اڪيلائي ۾، رازداري سان سکو! اهڙي طرح والد پنهنجي پٽ کي ۽ والده پنهنجي ڌيءَ کي هن طرح جا مسئلا ٻڌائي، سمجهائي، انهن جي تربيت ڪري، اهڙي طرح اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! حيا به باقي رهندي ۽ گهڻا ديني مسئلا سکڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويندا.