Quran ke Sath Hamara Taluq

Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq

هي ڪم ڪنهن انسان نه ڪيو آهي بلڪه هي الله پاڪ جي طرفان ان کي سزا ڏني وئي آهي. تنهنڪري انهن ان بدبخت جي لاش کي ائين ئي ڇڏي واپس هليا ويا. ([1])

اللهُ اڪبر! اي عاشقانِ رسول! هي آهي قرآنِ ڪريم تي اعتراض ڪرڻ، ان تي يقين نه رکڻ، ان ڪلامِ پاڪ کي خدائي ڪلام نه مڃڻ جو عبرتناڪ انجام...!!

قرآنِ ڪريم سان اسان جو تعلق...؟

اسان اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مسلمان آهيون. اسان قرآنِ ڪريم کي مڃون ٿا، ان تي يقين رکون ٿا، قرآنِ ڪريم کي الله پاڪ جو ڪلام مڃون ٿا، قرآنِ ڪريم جي هڪ هڪ لفظ، هڪ هڪ حرف بلڪه هڪ هڪ نقطي کي حق ۽ سچ مڃون ٿا. پر عملي طور تي اسان جو قرآنِ ڪريم سان تعلق ڪهڙو آهي؟ ان تي اڄ غور ڪرڻ جي وڏي ضرورت آهي. اسان مڃون ٿا ته قرآنِ ڪريم جو هر هر لفظ، هر هر حرف سچو آهي پر افسوس! * ڪيئي اهڙا ماڻهو آهن جن کي وياج جو حرام هجڻ سمجھ نٿو اچي * ڪيئي اهڙا خاندان آهن جيڪي قرآنِ ڪريم جي بيان ڪيل وراثت جي قانونن تي مطمئن ناهن ٿيندا * افسوس! کوڙ عقل جا دشمن اهڙا آهن جن کي قرآنِ ڪريم جي پردي بابت تعليمات تي شبهات آهن * ڪيترن کي  شفاعت جو مسئلو سمجھ  ۾ نٿو اچي * کوڙ اهڙا آهن جو علمِ غيب جي مسئلي تي بگڙجي ويندا آهن * کوڙ سارن کي اسلام جو معاشي نظام سمجھ ناهي ايندو * ڪيئي اسلام جي خانداني نظام تي اعتراض اٿاريندي نظر ايندا آهن * ڪيترا ئي آهن جيڪي اسلام جي نظامِ عدل تي آڱريون کڻندي نظر ايندا آهن. مطلب ته اڄڪلهه هي بي يقيني عام ٿيندي پئي وڃي. علمِ دين باقاعدگي سان ڪنهن عاشقِ رسول عالمِ دين جي خدمت ۾ پهچي سکڻ جي توفيق نٿي


 

 



[1]...بخاری، کتاب المناقب، باب علامات النبوۃ فی الاسلام، صفحہ:919، حدیث:3617 خلاصۃً۔