Quran ke Sath Hamara Taluq

Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq

ملي، سڄي زندگي غير مسلمن جو لٽريچر پڙهندا آهن، پوءِ پنهنجي ننڍڙي عقل سان الله پاڪ جي پاڪيزه دين ۽ قرآني تعليمات کي توريندا آهن. هي تمام سخت ڳالهه آهي، عالم سڳورا فرمائن ٿا: جيڪو قرآنِ پاڪ جي بيان ڪيل ڪنهن به شيءِ جي سچي هجڻ ۾ شڪ ڪري اهو ڪافر آهي. ([1])

الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي! اسين مسلمان آهيون، اسين مڃڻ وارا آهيون، اسان تي ته اهو لازم آهي ته جيڪا ڳالهه سمجھ ۾ اچي وڃي، ان تي ڀرپور طريقي سان عمل پيرا ٿي وڃون، جيڪا سمجھ ۾ نه اچي، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي، قرآنِ ڪريم جون اهڙيون آيتون آهن جيڪي اسان جي عقل کان به مٿي آهن جهڙوڪ آياتِ متشابهات آهن، انهن جو علم اسان کي ڏنو ئي نه ويو آهي، انهن جي باري ۾ بس اهوئي چئون:

اٰمَنَّا بِهٖۙ-كُلٌّ مِّنْ عِنْدِ رَبِّنَاۚ-(سيپارو: 3، آل عمران: 7)

ترجمو ڪنزُ العرفان: اسين هن تي ايمان آندو، هي سڀ اسان جي رب جي طرف کان آهي

يقيناً انهيءَ ۾ عافيت آهي، انهيءَ ۾ حفاظت آهي، انهيءَ ۾ دنيا و آخرت جي ڀلائي آهي.

قرآن اسان جو امام آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم اسان جو امام آهي. ڪو به سائنسي نظريو، ڪنهن غير مسلم جي ريسرچ، ڪو به دنياوي قانون، ڪنهن فلسفي جي ٿيوري جيڪڏهن قرآنِ ڪريم جي خلاف آهي ته اها ٿيوري، اهو نظريو، اها ريسرچ ته غلط ٿي سگهي ٿي پر قرآنِ ڪريم جي ڪا به تعليم، ڪنهن وقت، ڪنهن لمحي، ڪنهن دور ۾، ڪنهن جي به حق ۾ هرگز هرگز غلط نٿي ٿي سگهي. ان ڪري اسان سڀني تي لازم آهي ته اسين عملي طور تي هر هر معاملي ۾ قرآن و حديث کي پنهنجو معيار بڻايون، جيڪا ڳالهه قرآن و حديث جي موافق آهي، اسان کي دل و جان سان قبول آهي ۽ جيڪا ڳالهه قرآن


 

 



[1]...کفریہ کلمات کے بارے میں سُوال جواب، صفحہ:183۔