Quran ke Sath Hamara Taluq

Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq

فائدو اهو به ملندو آهي ته اسان کي قرآن ڪريم سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوت اسلامي تحت آن لائن قرآن مجيد ترجمو و تفسير ڪورس به ڪرايو ويندو آهي. دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه، ڪنزالايمان، ڪنز العرفان، تفسير خزائن العرفان، صراط الجنان ۽ معرفت القرآن شايع (Publish) ڪيا آهن، انهن جي ذريعي به قرآن ڪريم سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

آن لائن استخاره موبائل ايپلي ڪيشن

اي عاشقان رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي:  Online rohani ilaj & istikhara (آن لائن روحاني علاج اينڊ استخاره). هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي آن لائن استخارو ڪرائي سگهجي ٿو. امير اهل سنت مولانا الياس عطار قادري جي ذريعي قادري عطاري سلسلي ۾ بيعت ۽ طالب ٿي سگهجي ٿو. روحاني علاج لاءِ رابطو ڪري سگهجي ٿو ۽ مختلف اوراد و وظائف حاصل ڪري سگهجن ٿا. اوهان به پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏيو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي اختتام طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪيان ٿو:

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)

مسئلو:  چشمو (يعني عينڪ) لڳائي نماز پڙهي سگهجي ٿي

وضاحت: عينڪ لڳائي نماز پڙهڻ جي باري ۾ عام طور تي ماڻهو