Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
اچو! بارگاهه رسالت ۾ درخواست پيش ڪيون ٿا:
یارسولَ اللہ! رحمت کی نظر حاضِرِ دربار ہوں کر دو کرم
جذبۂ حُسْنِ عمل ہے اور نہ عِلْم ناقِص و بیکار ہوں کر دو کرم
دولتِ اخلاق سے محروم ہوں ہائے! بدگفتار ہوں کر دو کرم
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سورت بقره جي آيت:26 ٻڌي، ان ۾ 2 جماعتن جو ذڪر ٿيو آهي، (1): هڪ آهن ڪافر، غير مسلم، هي جڏهن قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيل مثالَ پڙهندا يا ٻڌندا آهن ته ان تي اعتراض ڪندا ۽ چوندا آهن.
مَا ذَاۤ اَرَادَ اللّٰهُ بِهٰذَا مَثَلًاۘ-
ترجمو ڪنزُ العرفان: هن مثال مان الله جي مراد ڇا آهي؟
(2): ٻي جماعت ايمان وارن جي آهي، هي خوش نصيب جڏهن قرآني مثال پڙهندا يا ٻڌندا آهن ته انهن تي يقين ڪندا ۽ انهن کي حق مڃيندا آهن، انهن بابت ارشاد ٿيو:
فَیَعْلَمُوْنَ اَنَّهُ الْحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْۚ-
ترجمو ڪنزُالعرفان: بهرحال ايمان وارا ته ڄاڻن ٿا جو هي انهن جي رب جي طرف کان حق آهي.
هتان کان اسان کي هڪ سبق سکڻ لاءِ ملندو، اهو هي ته سٺو ماڻهو اهو آهي جيڪو اعتراض ڪرڻ بجاءِ ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري، ڇو ته جيڪو ڳالهه سمجهڻ بجاءِ ابتو اعتراض ڪندو آهي، اهو سٺو ماڻهو ناهي بلڪه غير مسلمن جي نقشِ قدم تي هلڻ وارو آهي.
اسان وٽ اهڙن ماڻهن جي ڀرمار آهي، جيڪي ڳالهه کي سمجهندا گهٽ ۽ اعتراض وڌيڪ ڪندا آهن. هي قانون هميشه لاءِ پنهنجي زندگي ۾ نافذ ڪري وٺو ته اسان کي سوال ڪرڻو آهي، اعتراض هرگز ناهي ڪرڻو. ڇو ته سوال علم جي چاٻي آهي جڏهن ته اعتراض هلاڪت جو سبب آهي.