Book Name:Quran ke Sath Hamara Taluq
یُضِلُّ بِهٖ كَثِیْرًاۙ-وَّ یَهْدِیْ بِهٖ كَثِیْرًاؕ-
ترجموڪنزُالعرفان: الله ڪيترن ئي ماڻهن کي هن جي ذريعي گمراھ ڪندو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هدايت عطا فرمائيندو آهي.
ڄڻ قرآنِ ڪريم ۽ ان ۾ ذڪر ڪيل مثالَ ڪسوٽِي آهن، انهن کي پڙهي اهلِ ايمان جو ايمان ۽ بي ايمانن جي بي ايماني ظاهر ٿي ويندي آهي. ([1]) ڪي ته اهي آهن جن جو ايمان پهريان کان وڌيڪ پختو ٿي يندو آهي ۽ ڪي اهي آهن جو قرآني مثالَ پڙهي هو وڌيڪ گمراهي ۾ جَڪڙجي ويندا آهن. اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي قرآنِ ڪريم مان هدايت وٺڻ بجاءِ، ان کي پڙهي وڌيڪ گمراهي جو شڪار ٿي ويندا آهن؟ فرمايائون:
وَ مَا یُضِلُّ بِهٖۤ اِلَّا الْفٰسِقِیْنَۙ(۲۶)
ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ هو هن جي ذريعي صرف نافرمانن کي ئي گمراھ ڪندو آهي
اللهُ اڪبر! هي نافرماني جي سزا آهي ته جيڪو ٻانهو نافرماني ۾ حد کان وڌندو آهي، تڏهن ان تي بدبختي غالب اچي ويندي آهي ۽ ان جي حالت اهڙي ٿي ويندي آهي جو هو قرآنِ ڪريم مان به هدايت ناهي وٺي سگهندو. الله پاڪ اسان کي اهڙي بڇڙي حالت کان محفوظ فرمائي.
ہائے! بدمست گُنَاہوں میں ہوئے اَہلِ وطن
یاخُدا! سب کو عطا نیک ہدایت فرما
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي جيڪا هڪ آيتِ ڪريمه اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. ان مان اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو.